واپاري کان لکين رپيا ڦرڻ جو الزام، ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن جي باضابطه گرفتاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ واپاري کان مبينا طور هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ روڪ رقم کسڻ جي الزام ۾ زمان ٽائون اسٽيشن هائوس  آفيسر ايس ايڇ او رائو رفيق ۽ ٻن اهلڪارن کي باضابطه طور گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي هڪ ڏينهن اڳ حراست ۾ ورتو ويو هو، پر هاڻ انهن جي باضابطه طور گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن امير سعود مگسي جو چوڻ آهي ته زمان ٽائون اسٽيشن جي ايس ايڇ او رائو رفيق ۽ ٻن پوليس اهلڪارن کي جمعي ڏينهن هڪ ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم کسڻ ۽ واپاري کي بيگناهه قيد ۾ رکڻ تي باضابطا گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي قبضي مان ڦريل ڪجهه رقم به برآمد ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.