سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل سمورن شهرين کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾هڪ ڇوڪري سميت  9 گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس جي جاچ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو،عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڊي آءِ جي جاچ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت لاڳاپيل اختيارين کي 5 اپريل تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت شرافي ڳوٺ واري علائقي مان گم ٿيل مريم، فيصل ۽ علي جي  آزادي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عبدالله، حماد، مختار، عرفان ۽ ٻين  کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،.عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.