جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) جيڪب آباد ۾ صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجيد جکراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار پنهنجي ڀاڄائي ڪريما خاتون ۽ صادق جکراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اهڙي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته جوابدار ڏير نور خان جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان ڀاڄائي ڪريما خاتون ۽ صادق جکراڻي کي بندوق جا فائر قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.