قمبر ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيءُ ۽ پٽ قتل

قمبر (ن ع آ) قمبر ۽ دادو ضلعي جي سرحدي جابلو پٽي واري علائقي باجڪ ۾ چانڊيا برداري جي مارفاڻي پاڙي ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان گائينچا برداري وٽ ترسيل مهمان پيءُ ۽ پٽ کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿي ويل ۾ 40 سالن جو گلبهار چانڊيو ۽ 14 ورهين جو اوشاق چانڊيو شامل آهن، مقتولن جا مڙهه واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جابلو علائقي هجڻ سبب پوليس واقعي واري هنڌ ڪيتري وقت تائين نه پهچي سگهي، ياد رهي ته قتل ٿي ويل ڌر جي ماڻهن ٻه سال اڳ سهراب مارفاڻي نالي شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.