ڪي ايم سي ۾ 950 گھوسٽ ملازمن جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني حڪومت ،  هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سعيد غني ڪلڪ اينڊ سوائپ جي آفيس جو اوچتو دورو ڪيو. صوبائي وزير ڪلڪ ذريعي هلندڙ منصوبن، لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي تصديق ۽ لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي بائيو ميٽرڪ ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. اجلاس ۾ ايم ڊي ايس ڊبليو آءِ پي زبير چنا پاران صوبائي وزير کي مڪمل بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سي ايل ڪي آصف جان صديقي صوبائي وزير کي سي ايل ڪي تحت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي ۾ جاري منصوبن ۽ ايندڙ مالي سال دوران ڪي ايم جي اربين روپين جي منصوبن بابت آگاهي ڏني، ڪلڪ تحت ڪي ايم سي سميت ڪراچي جي 12 شهرن جي ميونسپل ملازمن جي تصديق ڪئي وئي، رڳو ڪي ايم سي ۾ 950 گھوسٽ ۽ 200 ملازمن جي نشاندهي ڪئي وئي، جيڪي هڪڙي سڃاڻپ ڪارڊ تحت ٻن کاتن مان پگهارون وصول ڪندا هئا. اھڙي طرح سان 12 شهرن ۾ 35 گھوسٽ ملازمن جي نشاندهي به ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ ملازمن جي تصديق کي سڀني شهرن ۽ يوسي سطح تي يقيني بڻايو وڃي، ۽ ميونسپل کاتي جي سمورن ملازمن جي تصديق کان پوءِ انهن جي حاضري بائيو ميٽرڪ تحت ڪئي وڃي ۽ انهن جون پگهارون سڌو سنئون سندن اڪائونٽ ۾ موڪليون وڃن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو تھ ايندڙ مالي سال ۾ ڪي ايم سي جي فنڊن سان 8 ڪميونٽي سينٽر، 2 راندين جا ميدان ۽ درجنين رستا تعمير ڪيا ويندا. ھن چيو تھ 2026ع تائين ڪراچي ۾ 3 ملين کان وڌيڪ رهائشي، ڪمرشل ۽ صنعتي ملڪيتن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ جي آءِ ايس سسٽم ذريعي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، جنهن سان ڪائونسلن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو موقعو ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.