پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪري ڇڏي

پشاور(م ڊ)سني اتحاد ڪائونسل کي وڏو ڌڪ، پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽس بابت سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون،پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ دليل ڏنا.  علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان ورتو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏئي بيٽ واپس ڏياري، سپريم ڪورٽ ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي حق ۾ فيصلو ڏنو سني اتحاد ڪائونسل هڪ رجسٽرڊ پارٽي آهي ۽ ان جو چونڊ نشان به آهي، چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڪڏهن سياسي پارٽيون چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري سگهن ٿيون.جسٽس شڪيل پڇاڻو ڪيو ته چونڊن ۾ حصو نه ٿا وٺو ته پوءِ ڇا ٿيندو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته مخصوص سيٽس تڏهن ملنديون آهن جڏهن سياسي جماعتن سيٽس کٽيون هجن، سني اتحاد ڪائونسل ڪا به سيٽ نه کٽي آهي، علي ظفر چيو ته آرٽيڪل 17 تحت مون کي ڪيترائي بنيادي حق حاصل آهن، جيڪڏهن ڪا پارٽي اليڪشن نه وڙهندي ته به اها سياسي پارٽي آهي.عدالت چيو ته مخصوص سيٽون تڏهن ڏنيون وينديون آهن جڏهن سياسي پارٽيون سيٽون کٽينديون آهن، سني اتحاد ڪائونسل هڪ به سيٽ نه کٽي آهي، آزاد اميدوار به توهان سان شامل نه ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن توهان سيٽ نه کٽي ته توهان اهڙي پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهيو جنهن ڪا سيٽ نه کٽي آهي، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه پاڻ ان پارٽي تان چونڊن ۾ حصو نه ورتو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته باپ پارٽي جو ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي، هي پڌرنامو آهي ۽ فيصلو ناهي، اهي درخواستون سمورين اسيمبلين جي مخصوص سيٽن لاءِ آهن، اهي درخواستون عدالت جي دائري کان ٻاهر آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواستون اهڙيون ئي آهن،بئريسٽر علي ظفر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جون خاص سيٽون قبضا گروپن کي ڏنيون ويون، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته قبضا گروپ نه چئو، کين سيٽون اليڪشن ڪميشن ڏنيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.