چاهيون ٿا ته گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس ٺاهيون وڃن: ايران

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري چيو آهي ته چاهيون ٿا ته گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس بڻايون وڃن،  اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ ايراني سفير رضا اميري جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ايراني سفير چيو ته پاڪ ايران گيس پائيپ لائين جو مقصد اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ اضافو آهي، وڌيڪ بارڊر ڪراسنگ پوائنٽس کولي علائقائي سهڪار ۽ واپار وڌائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته چاهيون ٿا ته گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس بڻايون وڃن، ڪوشش هوندي ته سي پيڪ ۽ ريل لنڪ منصوبي ۾ ايران به حصيدار بڻجي، ايراني سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ گذريل 11 مهينن دوران باهمي واپار جو حجم اڍائي ارب ڊالر ٿي چڪو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري حجم کي 5 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.