گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (رپورٽ: اقبال آزاد مهر/ پريم راٺوڙ/ نصرالله گڏاڻي ) گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، اغوا ٿيل هندو نوجوان رتڪ ڪمار مقابلي بعد آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ميرپور ماٿيلو واسين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز جو شاندار ۽ ڪامياب آپريشن ٿيو، ان سلسلي ۾ 02 فيبروري تي اغوا ٿيل هندو نوجوان کي پوليس مقابلي بعد آزاد ڪرائي ورتو، هندو نوجوان رتڪ ڪمار ولد جئرام داس کي گهوٽڪي ويجهو بهشتي ارباب شاهه جي سامهون نيشنل هاءِ وي تان هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا، جنهن بعد ڪچي ۾ آپريشن جي حوالي سان ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي زاهد حسين ميراڻي، ايس ايڇ او ڪچو ٻنڊي 2 بخت علي ڪلهوڙو، وڏي نفري ۽ جديد هٿيارن سان ليس ٿي مغوي رتڪ ڪمار کي آزاد ڪرائي ورتو ، هوڏانهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي نڳجهي ذريعن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي خبر پئي ته ڌاڙيل اغوا ڪندڙ يرغمالي رتڪ ڪمار کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا آهن ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او وڏي نفري سميت فوري طور تي مراد پتڻ وٽ پهچي ويا ته ڌاڙيلن/ اغواڪارن پوليس کي ايندي ڏسي پوليس پارٽي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، ڌاڙيلن/ اغواڪارن پنهنجو گهيرو تنگ ٿيندو ڏسي مغوي رتڪ ڪمار کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا، رتڪ ڪمار، سندس وارثن ۽ گهوٽڪي ضلعي جي سموري هندو پنچائت ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃيندي چيو ته گهوٽڪي پوليس جي ڪوششن سان رتڪ ڪمار کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو آهي، هندو برادري پاران ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي کي اجرڪ جا تعفا پيش ڪيا، ٻي پاسي ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب ته مغوي رتڪ ڪمار جي وارثن لک روپيه ڀنگ ڀري کصن آزاد ڪرايو آهي.