پاڪستانين جي اڪثريت کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳڻتي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ مالي حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد رکندڙ شهرين جي شرح ۾ گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو  اضافو ٿي ويو، اپسوس پاڪستان جي ڪنزيومر ڪانسفيڊنس سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پر اميد پاڪستانين جي شرح گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌي وئي آهي، سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 35 سيڪڙو پاڪستانين مستقبل ۾ پنهنجي مالي حالتن ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي، انهن شهرين جو مڃڻ لاءِ ته پاڪستان ۾ مالي حالتون بهتر ٿينديون، ٻئي پاسي سروي ۾ 35 سيڪڙو پاڪستاني مايوس نظر آيا، جن مطابق مالي حالتون وڌيڪ ڪمزور ٿينديون، مايوسي ڏيکاريندڙ جي شرح 2 سيڪڙو وڌي 43 سيڪڙو تي ڏٺي وئي، ملڪي مجموعي ۽ معاشي صورتحال تي پاڪستانين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، هي تناسب نومبر 2023ع جي سطح تي برقرار آهي، ٻئي پاسي 88 سيڪڙو ملڪي رخ کي غلط قرار ڏنو، جڏهن ته 60  سيڪڙو  پاڪستانين ملڪي معشيت جي موجود صورتحال کي ڪمزور چيو آهي، مستقبل ۾ ملڪ جي معشيت ۾ بهتري جي اميد ڪندڙ پاڪستانين جي  شرح 6 سيڪڙو  گهٽجي 27  سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.