ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ رينجرز انڪشاف ڪيو آهي ته اغوا ڪندڙن ايان ۽ انابيه جي ماءُ کان 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، ننڍي ڀاءُ ايان ۽ انابيه جي گم ٿيڻ واري معاملي تي رينجرز سنڌ جو بيان به سامهون آيو آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ايان، انابيه نارٿ ناظم آباد مان گم ٿي وئي، ٻارن جي ماءُ کي پرڏيهه مان اغوا جو فون آيو، اغوا ڪندڙن 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو. ترجمان جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنيڪل وسيلا استعمال ڪري ٻارڙن کي ڳوليو ويو، اغوا ڪندڙ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٻارن کي ڇڏي فرار ٿي ويا. ياد رهي ته ڀيڻ ڀائر ايان ۽ انابيه گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد مان گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مهم ۽ دعائن کانپوءِ ايان ۽ انابيه ملي ويا هئا . بعد ۾ ٻارن جي بيان واقعي کي نئون موڙ ڏئي ڇڏيو، ٻارڙن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ناني ۽ چاچي جي خراب رويي کان تنگ اچي گهر ڇڏي ويا، کين نامعلوم چاچا ۽ چاچي پاران پناهه ڏني وئي. پيءُ اهو به ٻڌايو ته کيس ٻارن کي گهڻو ڏسڻ نه ڏنو ويو، علحدگيءَ باوجود هو چاهي ٿو ته ٻارن کي حوالي ڪيو وڃي. ياد رهي ته سنڌ رينجرز ٻارن جي ڳولا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، رينجرز ٽيم پاران ٻارڙن کي گهر تائين پهچايو ويو.