ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ لڳ ڪچي جي علائقي جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ سومر خان جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو آهي ۔جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪئي ويئي۔ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڄڻو ٽيھن ورھين جو نوجوان ارشاد جاگيراڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو آهي ۽ ۔سندس جو ڀاءُ سجاد جاگيراڻي سميت ٻھ ڄڻه گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا آهن اھڙي واقعي جي اطلاع ملڻ بعد مقتول ڌر جا ڪيترائي ھٿياربند واقعي واري ھنڌ پھچي ھٿياربندن جو پيڇو ڪيو پر حملي آور ڌر فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي۔ مقتول جا وارث سندس لاش کڻائي گھر آيا ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ پوري ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو آهي ٻئي پاسي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري رواني ٿي ويئي آهي جاگيراڻي برادري جو جھيڙو جيئند جاگيراڻي ۽ مراد علي جاگيراڻي ۾ ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ آهي واضع رهي ته ٻنھي ڌرين جي خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين تيرنھن کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن ۽ درجنن جي تعداد ۾ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن