ڪراچي (رپورٽر ) نارٿ ناظم آباد مان گم ٿيڻ کانپوء بازياب ٿيل ايان ۽ انابيا گورنر سنڌ جي دعوت تي گورنر هائوس ۾ افطار ڪئي. واضح رهي ته سندن گمشدگي جي خبر وائرل ٿيڻ کانپوءِ هو محفوظ رهيا هئا. گورنر سنڌ جو ٻنهي لاءِ مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته ٻنهي جا سمورا تعليمي خرچ پڻ برداشت ڪندس، هن چيو ته اهڙا سڀئي ٻار جن جا والدين جدا ٿي ويا آهن اهي به مون سان رابطو ڪري پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي فيضان روات به موجود هو، ٻئي پاسي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيڻ بعد آزاد ٿيل ٻارن ايان ۽ انابيه سان ملاقات دوران هنن جو تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊاڪٽر عاصم حسين جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير ٻارن ايان ۽ انابيه سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر ضياء الدين اسپتال ٽرسٽ جي طرفان ٻنهي ٻارن جو تعليمي خرچ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.