ڪراچي (رپورٽر)عدالت ٻارڙن جي حوالي سان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ٻارڙن کي ماسي سونيا حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ماسي کي 5،5 لک جا ذاتي مچلڪن کي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ نارٿ ناظم آباد مان گم ٿيڻ بعد هٿ آيل معصوم ڀاءُ ايان ۽ ڀيڻ انانيه کي پيش ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ آفيسر ٻارڙن جو بيان قلم بند ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، ٻارن جي والد جي وڪيل چيو ته ٻارڙن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو پيو وڃي، ٻن سالن کان هنن جي امڙ دبئي ۾ آهي، اڃا تائين هوءَ واپس نه آئي آهي، تشدد جي ڪري ٻارڙا گهر مان هليا ويا، ايان ۽ انانيه پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪي اسان کي کڻي ويا هئا هو ڇڏي ويا، اسان پنهنجي مرضي سان گهر ڇڏي ويا هئاسين، اسان تي تشدد ٿي رهيوهو، ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، ماسي سونيا سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا، هنن چيو ته ماسي ۽ ماما کي گرفتار ڪيو وڃي.