ناڻي واري وزير اورنگزيب خان جا معيشت جي بحالي لاءِ سڌارا

تحرير:   سيد مجاهد علي

ناڻي واري وزير اورنگزيب خان ملڪي معيشت ۾ سڌارن جو اعلان ڪندي ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف به اھو ئي چيو آھي تھ ڳالھيون ڪافي ٿي ويون، هاڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معيشت تي ڪنھن ڊگھي بحث  ضرورت ناهي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته نقص ڪھڙو آهي ۽ ان کي ڪيئن  درست ڪيو وڃي.

بهرحال بنيادي سوال آهي ته اهو ڪم ڪيئن ڪجي. رڳو بيانن ۽ اعلانن سان ملڪي پيداوار ۾ اضافو، مهانگائي ۾گهٽتائي ۽ حڪومتي آمدني ۾ اضافو ٿي ويندو؟ مسئلو پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ سرڪاري آمدني جي خراب صورتحال جو آهي. برآمدات معيشت ۽ آبادي جي واڌ واري پسمنظر ۾ نھ ھئڻ برابر آھي ۽ ملڪي صنعت لاءِ خام مال درآمد ڪرڻ جا وسيلا نه آهن. ناڻي واري وزير ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٽي تجويزون ڏنيون آهن:

هڪ: موجوده معاشي ڍانچي کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ان استحڪام سان سڌاري جو رستو نڪرندو ۽ قومي پيداوار ۾ اضافي ۽ مهانگائي گهٽائڻ جا مقصد حاصل ڪري سگھبا.

ٻيو: فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سموري نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي، جنهن سان شفافيت پيدا ٿيندي ۽ ٽيڪس جي بنياد ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير موجب ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ اهڙو نظام ضروري آهي جنهن ۾ ’ليڪيج‘ نه هجي.اھو اصطلاح منجھيل آهي پر ان کي ملڪي ٽيڪس وصوکي واري نظام ۾ ’ڪرپشن‘ به سمجهي سگهجي ٿو. يعني آمدني سرڪاري خزاني ۾ وڃڻ گهرجي، نظام جي ڪمزوري جي ڪري يا تھ اوڳاڙي نٿي ٿئي يا وري آفيسرن جي کيسي ۾ ھلي وڃي ٿي. ان نقص کي ختم ڪرڻ لاءِ نئون ناڻي وارو وزير سڄي سسٽم کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي عملدار جي مداخلت نه هوندي ۽ سڄو نظام مشينن ذريعي ڪم ڪندو. اورنگزيب خان کي بينڪاري جو تجربو آهي. سوال آھي ته ڇا اهي پاڪستان جي سڙيل بيوروڪريسي ۾ اهڙو انقلابي قدم لاڳو ٿي سگهندو ۽ ڇا حڪومت ان طريقي ۾ پيش ايندڙ مشڪلات کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي ؟

ٽيون:  حڪومت آمدني وڌائڻ لاءِ جلدي ئي ،هول سيل ڪاروبار، رئيل اسٽيٽ ۽ زراعت کان ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ قدم کڻندي. ناڻي واري وزير اهو به اعتراف ڪيو ته زراعت صوبائي حڪومتن جي اختيار ۾ آهي، پر وفاقي حڪومت هول سيل ڪاروبار تي ٽيڪس لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جهڙن وڏن قومي ادارن جي نجڪاري جي رٿا تي عمل ڪرڻ چاهي ٿي.

پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جهڙن ادارن کي وڪڻڻ تي سالن کان سياست ڪئي پئي وڃي، هر حڪومت رپورٽن تي ڪم هلائيندي آهي. پر معاشي اعتبار سان صورتحال هاڻي ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي چڪي آهي. ان ڪري حڪومت کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ تڪڙ ڪرڻي پوندي. نئين حڪومت جو مڪمل دارومدار آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ مالي معاهدن تي آهي. آءِ ايم ايف جي ٽيم اسلام آباد پهچندي پاڪستان کي ڏنل 3 ارب ڊالرن جي عبوري پروگرام جي آخري قسط جي ادائيگي لاءِ ڳالهيون شروع ڪندي. حڪومت سمجھي ٿي تھ ان حوالي سان آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪيا وياآهن، ان ڪري هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي حتمي قسط حاصل ڪرڻ ۾ مسئلو نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ناڻي واري وزير اورنگزيب جو مقصد آءِ ايم ايف سان وڏي ۽ ڊگهي مدي واري پروگرام تي اتفاق ڪرڻ آهي. جيڪو 6 کان 8 بلين ڊالر ٿئي ٿو.اورنگزيب خان چيو آهي ته پاڪستان ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪندو ۽ ساڳئي بنيادن تي ڳالهين اپريل دوران واشنگٽن ۾، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي اجلاسن اڳيان وڌايو ويندو.

آءِ ايم ايف سان ڪنھن نئين وڏي مالي پيڪيج  لاءِ شھبازشريف حڪومت کي فوري  مالياتي نظم و ضبط جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ، ڪو به وڏو مالي معاملو ملڪ ۾ سياسي استحڪام سان مشروط هوندو. هن وقت ملڪي منظرنامو ان حوالي سان ڪا مثبت تصوير پيش نٿو ڪري. تحريڪ انصاف چونڊ نتيجن مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ حڪومت خلاف عوامي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي.

ناڻي واري وزير اورنگزيب خان جيڪو معاشي بحالي جو نقشو پيش ڪيو آھي.ان جي ڪاميابي لاءِ مخالف ڌر جي تحمل سان گڏ علاوه بين الصوبائي تعاون اھم آھي. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته پيپلز پارٽي پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن جي نجڪاري ۽ آءِ ايم ايف سان امڪاني نئين پروگرام جي نتيجي ۾ عوام تي وڌيڪ بار پوڻ ۾ شامل ٿيڻ نٿي چاھي. ان ڪري اهي ٻئي ڪم ٿي وڃڻ بعد شايد پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو بڻجي. ان دوران جيڪڏهن ’مينڊيٽ چوري تحريڪ‘ ڪو نئون رخ اختيار ڪري ٿي يا تحريڪ انصاف سخت قومي مسئلن جي باوجود عوام کي رستن تي آڻڻ لاءِ آماده ڪري ٿي ته پوءِ شهباز حڪومت جو مستقبل شڪي ٿي ويندو. اھا ئي غير يقيني ملڪ جي معاشي بحالي واري لاءِ وڏو چئلينج آهي. ان کي منهن ڏيڻ جو ڪم بظاهر وفاق ۾ شهباز شريف ۽ پنجاب ۾ مريم نواز کي پاڻ ئي اڳتي وڌي کنيو آھي ۽ چئلينج قبول ڪيو آهي.

صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ جي دعوائن ۽ اميدن سان گڏ، خزاني تي بار نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي پنهنجي پگھار نه وٺندا. ٻئي طرف ناڻي واري وزير اورنگزيب حبيب بئنڪ جي سربراهه وارو ۽ پنهنجي ھالينڊ جي شهريت کي “قوم جي خدمت “لاءِ قربان ڪري ڇڏيو آهي. سوچڻ گهرجي ته جنهن ملڪ ۾ اهڙا جان نثار ليڊر آهن، ان جي مٿان زوال جو پاڇو ڇو ٿو رھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.