ياسمين شاهه: ملاحن جي حقن جو سگهارو آواز

الياس سمون

ياسمين شاهه گذريل لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان پاڪستان جي ماهيگيرن، ماهيگير عورتن ۽ ساحلي برادرين جي حقن جي جدوجهد سان وابسته رهي آهي. ياسمين شاهه جو تعلق اهڙي خاندان سان آهي، جنهن پنهنجي زندگي عوامي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس والد، محمد علي شاهه، پاڪستان ۾ ماهيگيرن جي تحريڪ جو هڪ معتبر نالو هو، جڏهن ته سندس والده، طاهره علي شاهه، سنڌ جي ماهيگير ۽ هاري عورتن کي منظم ڪرڻ، کين قيادت جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ياسمين شاهه به اهڙي ئي ماحول ۾ اک کولي، جتي گهر جي ڳالهين ۾ اقتدار نه پر عوام، سياست نه پر حق، ۽ ذاتي مفاد نه پر اجتماعي جدوجهد جو ذڪر هوندو هو.

ننڍپڻ کان ئي هن ڏٺو ته سندس والد ۽ والده ڏورانهن سامونڊي وستين، ڍنڍن جي ڪنارن ۽ درياهه ڀرسان آباد ماهيگير خاندانن وٽ ويندا هئا، سندن مسئلا ٻڌندا هئا، ساڻن احتجاجن ۾ گڏ بيهندا هئا ۽ سندن آواز حڪومتي ايوانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اها ئي تربيت ياسمين شاهه جي شخصيت جو بنياد بڻي.

1990ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌ ۾ مختلف عوامي ۽ جمهوري تحريڪون نوجوان نسل ۾ سماجي شعور پيدا ڪري رهيون هيون، تڏهن ياسمين شاهه به انهن سرگرمين جو حصو بڻي. سجاڳ ٻار تحريڪ سان وابستگي ۽ رسول بخش پليجي جي فڪري ماحول هن ۾ اهو احساس وڌيڪ مضبوط ڪيو ته سماج ۾ تبديلي رڳو نعرن سان نه، پر مسلسل عوامي رابطي، تنظيم سازي ۽ قربانيءَ سان ايندي آهي. ابراهيم حيدري سميت مختلف سامونڊي علائقن ۾ عوامي سرگرمين ۾ سندس شرڪت کيس عملي سياست ۽ سماجي خدمت جا شروعاتي تجربا ڏنا.سال 2005ع هن جدوجهد جو هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جي ڍنڍن تي لاڳو ٺيڪيداري نظام خلاف پاڪستان فشر فوڪ فورم هڪ زبردست عوامي تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ دوران حيدرآباد ۾ احتجاج جي موقعي تي محمد علي شاهه ۽ سندس ڪيترن ئي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. اها گرفتاري رڳو ڪجهه ماڻهن جي نه، پر ماهيگيرن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش سمجهي وئي. محمد علي شاهه جي گرفتاري کان پوءِ تحريڪ بيهي نه رهي، پر وڌيڪ مضبوط ٿي. تنظيمي ساٿين موجب، انهيءَ مرحلي تي ياسمين شاهه غيرمعمولي سرگرمي جو مظاهرو ڪيو. هن مختلف شهرن ۾ عوامي رابطي جون مهمون، احتجاجي پروگرام ۽ پريس ڪانفرنسون منظم ڪيون. ياسمين شاهه پنهنجي زندگيءَ جي پهرين پريس ڪانفرنس ملير پريس ڪلب ۾ ڪئي ۽ مختلف فورمن تي اهو موقف ورجايو ته ماهيگيرن جي حقن جي جدوجهد کي گرفتارين سان خاموش نٿو ڪري سگهجي. سندس ويجها ساٿي اڄ به ياد ڪن ٿا ته ان دور ۾ هڪ نوجوان عورت جنهن اعتماد ۽ ثابت قدمي سان تحريڪ کي سنڀاليو، تنهن ڪارڪنن جا حوصلا بلند رکيا. تنظيمي موقف موجب، مسلسل عوامي دٻاءُ جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ ٻاويهه ڏينهن کان پوءِ محمد علي شاهه ۽ سندس گرفتار ساٿي آزاد ٿيا.

اهو واقعو ياسمين شاهه جي زندگيءَ ۾ هڪ اهم موڙ بڻيو. ان کان پوءِ کيس رڳو هڪ اڳواڻ جي ڌيءَ نه، پر اهڙي ڪارڪن طور ڏٺو ويو، جيڪا ڏکين حالتن ۾ به عوامي تحريڪ کي منظم رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ايندڙ سالن ۾ اهو ئي تجربو سندس قيادت جو بنياد بڻيو. هن جدوجهد دوران هڪ ٻي شخصيت به هر قدم تي سندس ساٿ ۾ بيٺي رهي، ۽ اها هئي طاهره علي شاهه. هن هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيڪڏهن ماهيگير عورتون بااختيار ٿينديون ته سڄي برادري مضبوط ٿيندي. ياسمين شاهه پنهنجي والده جي هن فڪر کي رڳو ٻڌو نه، پر پنهنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻايو. هوءَ سامونڊي وستين ۾ عورتن سان گڏ ويهندي، سندن مسئلا ٻڌندي، کين ڳالهائڻ جو حوصلو ڏيندي ۽ اهو احساس ڏياريندي ته هو رڳو گهرن تائين محدود نه، پر پنهنجي برادريءَ جون اڳواڻ به بڻجي سگهن ٿيون.

پنهنجي والد جي آزاديءَ کان پوءِ محمد علي شاهه فخر سان چوندو هو: "جيل ۾ جڏهن اخبارن ۾ پنهنجي ڌيءَ ياسمين جي هلندڙ تحريڪ ڏسندو هوس ته مون کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائي رهي هجي.” 2005ع ۾ والد جا چيل اهي لفظ اڄ به ياسمين شاهه لاءِ همٿ ۽ حوصلي جو سرچشمو آهن. پوءِ 2015ع آيو، ۽ زندگي هڪ ٻيو ڏکيو امتحان ورتو. بدين ۾ سنڌو درياهه ۽ ماهيگيرن جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاجي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ويندي طاهره علي شاهه هڪ المناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي. اهو سانحو رڳو هڪ خاندان جو نه، پر سنڌ جي ماهيگير عورتن جي تحريڪ جو به وڏو نقصان هو. پر انهيءَ غم جي گهڙيءَ ۾ محمد علي شاهه پنهنجي ڌيءَ کي اها ذميواري سونپي، جنهن لاءِ سالن کان سندس تربيت ٿي رهي هئي. هن ياسمين شاهه کي ماهيگير عورتن جي تنظيم سازي ۽ قيادت جي ذميواري ڏني، ۽ اهڙيءَ ريت جدوجهد جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿي…

طاهره علي شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ ياسمين شاهه لاءِ اهو رڳو هڪ ذاتي صدمو نه هو، پر اهڙي ذميواري به هئي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ کيس پنهنجي زندگيءَ جو رخ وڌيڪ واضح ڪرڻو پيو. محمد علي شاهه چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو ته سالن جي تربيت سندس ڌيءَ کي ان قابل بڻائي ڇڏيو آهي، جو هوءَ ماهيگير عورتن جي قيادت سنڀالي سگهي. تنهنڪري هن باقاعدي طور تي کيس عورتن جي تنظيم سازي، قيادت جي تياري ۽ سندن حقن جي جدوجهد جون ذميواريون سونپيون.

ان کان پوءِ ياسمين شاهه سنڌ جي سامونڊي علائقن، ڍنڍن جي ڪنارن ۽ دريائي آبادين ۾ عورتن سان پنهنجا رابطا وڌيڪ وسيع ڪيا. سندس نظر ۾ ماهيگير عورتون رڳو گهرن تائين محدود نه هيون، پر پنهنجي خاندان، مقامي معيشت ۽ سماجي تبديليءَ جي اصل طاقت هيون.

سال 2021ع ۾ محمد علي شاهه جي وڇوڙي سان پاڪستان جي ماهيگير تحريڪ هڪ اهڙي اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، جنهن پنهنجي سموري زندگي هن جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس وفات کان پوءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم هڪ ڏکئي مرحلي ۾ داخل ٿيو. تنظيم جي مستقبل، قيادت ۽ رخ بابت مختلف رايا سامهون آيا.اهڙي وقت تنظيم جي هڪ ڌر ياسمين شاهه تي اعتماد ڪندي کيس قيادت جي ذميواري سونپي. ياسمين شاهه ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اختلافن جي باوجود سڀئي ساٿي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ رهن ۽ محمد علي شاهه جي جدوجهد ورهاست جو شڪار نه ٿئي. پر وقت سان گڏ حالتون وڌيڪ پيچيده ٿينديون ويون. ڪجهه ڌريون تنظيم ته چاهينديون هيون، پر شاهه خاندان جي قيادت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون، جڏهن ته ٻئي پاسي مختلف اختلاف ۽ مطالبا به وڌندا ويا. اهو ئي اهو مرحلو هو، جتي ياسمين شاهه هڪ اهڙو فيصلو ڪيو، جنهن کي سندس ساٿي اڄ به عزت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. سندس موقف هو ته جيڪڏهن تنظيمي اتحاد لاءِ کيس ڪنهن به عهدي تان دستبردار ٿيڻو پوي ته هوءَ ان کان به نه ڪيٻائيندي، ڇو ته سندس نظر ۾ ماهيگيرن جي خدمت ڪنهن عهدي جي محتاج نه هئي.

تنهنڪري هن چيئرپرسن جي ذميواري پنهنجي ڀاءُ حوالي ڪئي ۽ پاڻ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سينيئر وائيس چيئرپرسن طور ڪم جاري رکيو. سندس ويجها ساٿي چون ٿا ته هن فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته ياسمين شاهه لاءِ عهدي کان وڌيڪ اهم تحريڪ ۽ ان جو مستقبل آهي۔ انهيءَ ئي عرصي دوران ياسمين شاهه نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن کي به هڪ مؤثر سماجي پليٽ فارم طور مضبوط ڪيو. سندس قيادت هيٺ هي ادارو عورتن جي قيادت، موسمياتي تبديلي، انساني حقن، پائيدار ماهيگيري، نوجوانن جي شموليت ۽ ساحلي برادرين جي ترقي لاءِ سرگرم ٿيو. ياسمين شاهه هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن هڪ ٻئي جا حريف نه، پر هڪ ئي مقصد ڏانهن ويندڙ ٻه مختلف رستا آهن. هڪ عوامي تحريڪ جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن ته ٻيو برادري جي ترقي ۽ ادارتي سهڪار کي هٿي ڏئي ٿو.

گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌو درياهه تي تجويز ڪيل ڇهن واهن واري منصوبي سنڌ ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو. ياسمين شاهه هن معاملي کي رڳو زرعي مسئلو نه، پر ماهيگيرن، سنڌو ڊيلٽا، سامونڊي ماحوليات ۽ لکين ماڻهن جي مستقبل سان جڙيل اهم مسئلو قرار ڏنو. پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي پليٽ فارمن تان هن قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي رابطا ڪيا. تنظيمي رڪارڊ موجب، مختلف ملڪن ۾ يڪجهتي جي سرگرمين ۽ احتجاجي مهمن ذريعي هن مسئلي ڏانهن عالمي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سندس موقف هو ته سنڌو درياهه رڳو هڪ درياهه نه، پر سنڌ جي تهذيب، معيشت ۽ لکين ماڻهن جي زندگيءَ جو بنياد آهي، ۽ ان جي وهڪري تي اثرانداز ٿيندڙ هر فيصلو سامونڊي ماهيگيرن جي مستقبل تي به سڌو اثر وجهي ٿو.

You might also like