ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماضيءَ ۾ ڪيئي ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ مشهور اداڪارا ۽ ميزبان سعديه امام انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ ڪيريئر دوران کيس ڪيترائي ڀيرا ويجهن مرد ساٿين ۽ دوستن طرفان دوکو ڏنو ۽ نظرانداز ڪيو ويو.
سعديه امام اهو انڪشاف هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
پنهنجا تجربا بيان ڪندي سعديه امام چيو ته جڏهن هن شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته ان وقت عورت اداڪارائن جو انگ تمام گهٽ هو، انڊسٽريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي يا ته تمام سينيئر اداڪارائون هيون يا وري بلڪل نيون ۽ جونيئر اداڪارائون، جڏهن ته سندس هم عمر ۽ جوڙ واريون عورت فنڪار تمام گهٽ هيون.
سعديه امام موجب، ان وقت سندس گهڻا ساٿي مرد هئا ۽ انهن مان ڪجهه ويجهن دوستن طرفان کيس دوکو مليو، ڪجهه موقعن تي ساٿين کيس پرپٺ نقصان پهچايو ۽ سندس خلاف ڳالهيون ڪيون.
اداڪارا ٻڌايو ته سندس والد کيس هميشه صلاح ڏني جعلي دوستن کان بهتر آهي ته انسان اڪيلو رهي، پر ان وقت کيس پيءُ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس ماڻهن جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي، پر وقت سان گڏ هن انهن تجربن مان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ الله جي ڪرم سان اهو ڏکيو وقت گذري ويو.
سعديه امام انڪشاف ڪيو ته ڪيترائي ڀيرا هن پنهنجي مرد ساٿين کي پاڻ بابت ڳالهائيندي ٻڌو، ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته سعديه امام کي ڪاسٽ نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ”پارٽي گرل“ ناهي ۽ شوٽنگ دوران ڳالهه ٻولهه ناهي ڪندي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ان دور ۾ ڊرامن جي شوٽنگ لاءِ پرڏيهه به وڃڻو پوندو هو ۽ ڪجهه ساٿين کي سندس رويي ۽ طرز زندگي سان مسئلو هو، ڪجهه ماڻهو اهڙين ڇوڪرين کي پاڻ سان رکڻ چاهيندا هئا جيڪي ساڻن وڌيڪ دوستاڻو رويو رکنديون هجن، انڪري ئي کيس ڪجهه منصوبن مان ڪڍيو ويندو هو يا وري ٻئي درجي جا ڪردار ڏنا ويندا هئا.
سعديه امام وڌيڪ چيو ته کيس سڀ کان وڌيڪ ڏک انهن ماڻهن جي رويي مان ٿيو، جيڪي سندس انتهائي ويجها ساٿي هئا، سندس گهر ايندا ويندا هئا، گڏجي ماني کائيندا ۽ وقت گذاريندا هئا، پر پرپٺ سندس خلاف ڳالهيون ڪندا رهيا.
You might also like