ناڪا بندي ۽ فوجي ڪارروايون بند ڪريو، ايران آبناءِ هُرمُز کولڻ لاءِ آمريڪا آڏو پنهنجا مطالبا رکي ڇڏيا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ آمريڪا آڏو مطالبن جي فهرست پيش ڪري ڇڏي آهي.
سي اين اين موجب، اها فهرست ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ڳالهين واري عمل ۾ شامل محمد باقر قاليباف آمريڪا حوالي ڪئي آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز کولڻ کان اڳ آمريڪا کي ڪجهه شرطون پوريون ڪرڻيون پونديون.
باقر قاليباف آمريڪا کان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي نڪتن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو پڻ ڪيو آهي، جنهن جو 60 ڏينهن وارو مدو ختم ٿي چڪو آهي.
مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ۽ ايران سمورن محاذن سميت لبنان، ۾ فوجي ڪارروائيون روڪڻ تي اتفاق ڪيو هو، جڏهن ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت ڪجهه واعدا ڪرڻ تي راضي ٿيو هو.
يادداشت موجب، آمريڪا طرفان ايراني بندرگاهن تان سامونڊي ناڪا بندي ختم ڪرڻ، تيل تي پابنديون هٽائڻ ۽ ايران جا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جون شرطون شامل هيون، جڏهن ته ايران آبناءِ هرمز کي کولڻ تي اتفاق ڪيو هو.
ايران جو موقف آهي ته آمريڪا پاران سامونڊي ناڪا بندي، تيل تي پابندين ۽ فوجي ڪارروائين جي خاتمي تائين آبناءِ هرمز ٻيهر نه کوليو ويندو.

 

You might also like