حيسڪو حيدرآباد جي ٽن ڊويزنن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل

حيدرآباد(رپورٽر) حيسڪو حيدرآباد ريجن جي ٽن ڊويزنن ۾ پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل سامهون اچي ويو، ايف آئي اي سرڪل پاراب حيدرآباد، ميرپورخاص  ۽ شهيد بينظير آباد نوابشاهه ۾ 12 کان وڌيڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن ۽ ڊويزنل اڪائونٽس آفيسرن سميت 124 ملازمن تي ايف آءِ آر داخل ڪري اعلي سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي حيدرآباد سرڪل ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ 9 اڳوڻن ۽ هاڻوڪن سميت 28 ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ غلام مرتضيٰ شاهه، ظفر علي سولنگي، نثار احمد ميمڻ، گلزار دستي، عقيل نور ميمڻ، ساجد پرويز ميمڻ، غلام فاروق تنيو ۽ ايڪسين منير احمد پنهور سميت ڊويزنل اڪائونٽس آفيسر قربان علي ڄاموٽ، اسماعيل جکراڻي، غلام محمد نظاماڻي سميت 28 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ خانگي بئنڪ  جي اسسٽنٽ مئنيجر الطاف سومرو، اسلم، رحيم بخش سميت 28 ملازمن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ان ڪيس ۾ اربع ڏينهن ايف آءِ اي ڇاپو هڻي چيف انجنيئر سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته خانگي بينڪ جي گل سينٽر تي واقع برانچ تي ڇاپو هڻي ٻن ملازمن ناصر ۽ همايون بينش کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آئي اي سرڪل ميرپور خاص ڊويزن ۾ عمر ڪوٽ حيسڪو ايڪسيئن آپريشن ڊويزن جي ڊويزنل اڪائونٽس آفيسر زوهيب چانڊيو، فضل الرحمان، احمد خان، افتخار سومرو,  نذاڪت ميمڻ ۽ بينڪ عملي سميت 44 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آئي اي سرڪل شهيد بينظير آباد ۾ حيسڪو سانگهڙ ايڪسيئن آپريشن ڊويزن ۾ 52 ڪروڙ رپين جي فراڊ ۾ امير ميمڻ، مجيب الرحمان سيال، عقيل نور ميمڻ،رشيد احمد انصاري، انعام علي ابڙو، نزاڪت علي ميمڻ ۽ دويزنل اڪائونٽس آفيسر سجاد احمد سميت 51 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آئي اي موجب حيسڪو سب ريجن جي پگهارن ۽ پينشن جي نالي تي اوپن چيڪ جاري ڪري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايڪسين سميت ڊويزنل آفيسر ملوث آهن،هوڏانهن حيسڪو ملازمن جي پگھارن، پينشن ۽ جي پي فنڊ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار حيسڪو جي چيف انجنيئر نثار ميمڻ سميت 6 ملازمن کي ايف آئي اي ٽيم سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر چار ڪمزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عدالت سمورن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جاچ ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيلن گرفتاري جو مشير نامو پيش نه ڪرڻ تي گرفتارين کي غيرقانوني ڏيڻ جي درخواست ڏني، ان تي عدالت ايف آئي اي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مشير نامو عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد حيسڪو سب ڊويزن قاسم آباد ۾ مقرر ڊويزنل اڪائونٽ آفيسر حيسڪو گل نظاماڻي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن (وفاقي) ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست ڏني، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ گل نظاماڻي جي ھڪ لک رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.