مهانگائي ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي: سراج الحق

پشاور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ولي باغ چارسده ۾ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ۽ ان جي والد جي وفات تي تعزيت ۽ دعا مغفرت ڪئي. ترجمان جماعت اسلامي قيصر شريف نائب امير ڪي پي ڪي عنايت الله خان، صوبائي سيڪريٽري جنرل عبدالواسع امير ضلعي چارسده حسين شاهه به ان سان گڏ هو.سابق وزير اعلي ڪي پي ڪي امير حيدر خان هوتي به  ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي پشاور ۾ ڪارڪنن سان گفتگو ڪندي سراج الحق چيو ته مهانگائي ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي ماڻهو پريشان آهن حڪمران آءِ ايم ايف جي دروازي تي پهچي ويا آهن خيرات وٺڻ لاءِ ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن سان وڌيڪ مهانگائي جو طوفان اچي ويندو ۽ عوام اڳ ۾ ئي پريشان آهي رهندو پريشان ٿي ويندا. حڪمران پنهجون عياشيون ختم نٿا ڪن جنهن ڪري ٻوجهه عوام تي پئي ٿو عوام قرضن ۽ وياج جي پئسي کان نجات چاهي ٿو. عوامي پئڪيج ۽ رمضان پئڪيج رڳو ڊرامو آهي.سراج الحق چيو ته دنيا جي عوام فلسطين جو ساٿ ڏنو پر اسرائيل تي فرق نٿو پوي اقوام متحده ۾ اسرائيل خلاف هڪ هزار کان وڌيڪ قرارداد داخل ڪيون ويون پر ان باوجود آمريڪا اسرائيل خلاف ڪجهه عمل ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.