اسلام آباد(م ڊ) ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي ۽ واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي،ظفر محمود کي ارسا جو ميمبر نه هئڻ ۽ ميمبرن کان منظوري وٺڻ کانسواءِ ارسا ايڪٽ تحت چيئرمين مقرر ڪرڻ تي سڀ حيران ٿي ويا،واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين ظفر محمود ڪالاباغ ڊيم جو زبردست حامي رهيو آهي،آگسٽ 2016 ۾ ظفر محمود کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ آرٽيڪل لکڻ تي عهدي تان استعيفا به ڏيڻي پئي هئي.
ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي نئين جوڙيل ڪابينا انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي چيئرمين جي مقرري تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ڪندي چيو آهي ته اها پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ارسا جو چيئرمين صوبن يا وري وفاقي حڪومت جي ميمبرن مان چونڊيو وڃي، ٻاهران ڪنهن کي به ارسا جو چيئرمين نٿو بڻائي سگهجي ۽ ائين ڪرڻ سان پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي. اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل نئين ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي وئي، اجلاس ۾ 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اجلاس ۾صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءَ لنجار، محمد بخش مهر، حاجي علي حسن زرداري، ذوالفقار شاهه سميت صلاحڪارن ۾ بابل خان ڀيو، احسان مزاري، نجمي عالم، نئون چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪابينا چيو ته ارسا جو چيئرمين صوبن يا وري وفاقي حڪومت جي ميمبرن مان چونڊيو وڃي، ٻاهران ڪنهن کي به ارسا جو چيئرمين نٿو بڻائي سگهجي ۽ ائين ڪرڻ سان پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.خوراڪ واري صوبائي وزير ڄام خان شورو اجلاس کي ٻڌايو ته کاتي وٽ 4 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. هن تجويز ڏني ته کاتي وٽ ان جون 8 لک ٻوريون آهن تنهنڪري ڪڻڪ جو هدف 8 لک مقرر ڪيو وڃي. غور ويچار کانپوءِ کاتي فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي فصل 24-2023 لاءِ 4000 رپيا في 40 ڪلوگرام جي امدادي قيمت تي 9 لک ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ لک ان جو ٻوريون خريد ڪري خوراڪ کاتي جون ٽيمون متحرڪ ڪري ڪڻڪ جي خريداري جلد کان جلد شروع ڪري، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ڪابينا کي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڇاپا هڻي رهي آهي. ضلعي انتظاميا 6 مارچ 2024ع کان هيستائين 1500 ڇاپا هنيا ۽ 1150 ڪيس داخل ڪيا، 14 دڪان سيل ڪيا ۽ 7.14 ملين رپيا ڏنڊ اوڳاڙيو آهي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا اوچتو دورا ڪن. وڏي وزير چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مارڪيٽ ۾ اعلانيل اگهه کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وڃن. گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين جنوري کان 12 مارچ 2024 تائين سڄي صوبي ۾ قتل جا 274، ڀنگ عيوض اغوا جا 84 ۽ ڀتا خوري جا 30 ڪيس سامهون آيا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ 4.18 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته ڏوهن جي شرح هر مهيني تبديل ٿيندي ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي پر عوام ان گهٽتائي کي محسوس نه ڪيو آهي. هن گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته علائقي جي ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز کان پڇاڻو ڪيو وڃي. وڏي وزير گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪجهه وزيرن، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن قبائلي تڪرار جلد کان جلد نبيرو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀنگ لاءِ بيگناهه ماڻهن جو اغوا ڪرڻ قبول جوڳو نه آهي، ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٽرانسپورٽ واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائين منصوبي تي ڪم روڪيو ويو آهي جنهن سبب نه رڳو علائقي جا ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ جو پڻ خدشو آهي. وڏي وزير ٽرانسپورٽ واري وزير کي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا به رڪاوٽ آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته ارسا ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حامي چيئرمين ظفر محمود جي مقرري جي معاملي تي سنڌ حڪومت پنهنجن سخت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت پاران ارسا جي چيئرمين جي غيرقانوني مقرري تي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران سخت مذمت ڪندي چيو ويو آھي تھ ارسا چيئرمين جي مقرري واٽر ايڪٽ ۽ ارسا ايڪٽ جي سخت ڀڃڪڙي آهي، ارسا جو چيئرمين صوبن جو ميمبر هجي يا وفاق جو نمائندو، ڪو به ٻاهران چيئرمين نٿو بڻجي سگهي، هن چيو ته ارسا چيئرمين طور ٻاهرئين شخص جي مقرري ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. آبپاشي کاتي واري وزير پاران مطالبو ڪيو ويو آھي تھ وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف فوري طور تي چيئرمين ارسا جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي
-
وزيراعظم سي سي آءِ جهڙو ادارو به نظرانداز ڪري ڇڏيو
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي محسن ٻٻر چيو آهي ته نگران حڪومت پاران 1993ع جي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي هئي،فرد واحد پاران اهو قانون آندو ويو آهي جنهن کان پوءِ ارسا ۾ صوبن جي نمائندن جي ڪا به اهميت نه رهندي، هاڻي صوبن جي ارسا ۾ نمائشي حيثيت هوندي، باقي فيصلا سمورا ارسا جو چيئرمين ڪندو،ڪنهن کي ڪيترو پاڻي ڏيڻو آهي، ڪڏهن ڏيڻو آهي،هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي وفاق مان پاڻي جي ڪا به اميد نه رهندي، پاڻي جي حوالي سان فيصلا ڪميٽي ڪندي، ان ڪميٽي ۾ جيڪي ٽيڪنيڪل ماڻهو رکيا ويندا انهن بابت به ڪا خبر ناهي،ارسا چيئرمين پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪندو، اهو قانون رات جي اونداهي ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدارتي آرڊيننس ذريعي منظور ڪرايو هو،هن چيو ته وزيراعظم سي سي آءِ جهڙي اداري کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي ارسا جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جو فورم به استعمال ٿي سگهندو، سنڌ مٿان اها مهرباني ن ليگ جي حڪومت ڪئي آهي،
-
عوامي تحريڪ طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس خلاف اڄ احتجاج جو اعلان
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، مرڪزي اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ديال صحرائي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو سنڌو درياءُ آھي، پنجاب جو حُڪمران ٽولو سنڌو درياءُ جو پاڻي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي کڻي درياءُ کي قتل ڪري رهيو آهي. درياءُ سڪائي سنڌي عوام جي نسل ڪُشي ڪئي پئي وڃي. نگران سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪري سمورا اختيار وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حُڪمران ٽولي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. اليڪشن کان پوءِ نئين ايندڙ حُڪومت کي نگران سرڪار جا سمورا غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا رد ڪرڻ کپن ھا پر وزيراعظم شھباز شريف ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ظفر محمود کي ارسا جو غيرآئيني چيئر مين مقرر ڪري مظلوم قومن ۽ خاص ڪري سنڌ سان سخت ناانصافي ڪئي آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌو درياءُ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي جيڪا وفاقي حُڪومت ۾ اتحادي آھي ان جي سھولتڪاري ۾ سڀ سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن. نئين ارسا چيئرمين جي مقرري ملڪي آئين جي لتاڙ آهي. وفاقي حڪومت قومن جي حقن مٿان راتاهو هڻڻ بند ڪري. نواز ليگ حڪومت پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ارسا ۾ وفاق جو چيئرمين مقرر ڪري، سنڌ کي سڪائي سنڌين جي معاشي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ نسل ڪُشي ڪري رهي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽن موجب انڊس ڊيلٽا جو 90 سيڪڙو علائقو آخري پساهن ۾ آهي. انڊس ڊيلٽا مڪمل طور تباھ ڪئي وئي آهي. انڊس ڊيلٽا جي ختم ٿيڻ سان موسمي تبديلين سنڌ کي سخت نقصان رسايو آهي. تمر جي ٻيلن جي غير قانوني ڪٽائي ڪري ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس خلاف اڄ تي احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، چيو ويو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪري سمورا اختيار وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حُڪمران ٽولي حوالي ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ظفر محمود کي ارسا جو غيرآئيني چيئر مين مقرر ڪري سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ صبح جو 11 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.
-
ڪالاباغ ڊيم جي حامي ظفر محمود جي ارسا چيئرمين مقرري رد ڪيون ٿا:اياز لطيف
حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري کي رد ڪندي چيو آھي ته ظفر محمود سنڌو درياھ جو دشمن ۽ ڪالاباغ ڊيم جو حامي آھي، ھن بطور واپڊا چيئرمين ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ درجنين مضمون لکيا، جيڪي اڄ به رڪارڊ تي آھن. ڪالاباغ ڊيم منصوبو ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن منصوبو آھي، جنھن کي ملڪ جون 3 اسيمبليون رد ڪري چڪيون آھن. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل حڪومت نگران حڪومت جي غير قانوني قدمن کي جاري نه رکي، نگران حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ غير قانوني ترميم ڪري صوبن کان چيئرمين شپ جو حق کسيو ھو، ان کي بنياد بنائي جيڪي سنڌ دشمن فيصلا مڙهيا ويندا، انھن کي ھرگز قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ دشمن فيصلا ملڪ لاءِ ڊيٿ وارنٽ ثابت ٿي سگھن ٿا. سنڌ حڪومت اقتدار لاءِ مصلھتن خاموش نه ويھي. سنڌ حڪومت سنڌ دشمن فيصلن تي خاموش رھي ته سنڌ جو عوام رستن تي ايندو. ظفر محمود جي چيئرمين طور مقرري کي واپس ڪري شفاف ماڻھو کي مقرر ڪيو وڃي جيڪو سنڌ سميت سمورن صوبن سان پاڻي ۾ انصاف ڪري. سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو لڳي رھيو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي. اھو عالمي قانون آھي ان جي ابتڙ گريٽر ٿل ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال سميت ٻيا سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ جي پاڻي تي سڄو سال ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا.
-
ظفر محمود ننڍن صوبن کي اهميت نٿو ڏئي: سسئي پليجو
ڪراچي(رپورٽر)پ پ اڳواڻ سينيٽر سسئي پليجو پاران ارسا چيئرمين جي مقرري کي تضاد قرار ڏنو ويو آهي ان حوالي سان سسئي پليجو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي تھ ظفر محمود ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين تڪراري پاڻي ورڇ معاهدن جو حامي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ ننڍن صوبن هميشه رد ڪيو آهي، ظفر محمود جهڙي شخص کي بار بار ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ مناسب ناهي، هن چيو تھ ظفر محمود 1991ع جي پاڻي واري معاهدي کي به تسليم ناھي ڪيو ۽ سنڌ توڙي بلوچستان جي مسئلي کي اهميت بھ نه ڏني آھي، هن شخص جي مقرري سان پاڻي جي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ ٿيندي. سسئي پليجو چيو تھ سنڌ ۽ ٻين صوبن کي پاڻي بابت ٿيل نقصان جي شفاف ورڇ بابت هميشه تحفظات رهيا آهن، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي صورتحال غير منصفاڻي ورڇ جي تصوير آهي، ارسا چيئرمين جي اهم عهدي تي سڄي سال لاءِ فلڊ ڪينال کولڻ جي حق ۾ هڪ شخص کي رکڻ ننڍن صوبن سان زيادتي ٿيندي.ھن چيو تھ ظفر محمود جي مقرري بدران ڪنهن غير جانبدار پاڻي جي ماهر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي
-
ايس ٽي پي طرفان ارسا چيئرمين جي مقرري خلاف 17 مارچ تي احتجاج جو اعلان
حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو ۽ ٻين ارسا جي چيئرمين جي مقرري واري وزيراعظم جي فيصلي کي رد ڪندي 17 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.اڳواڻن چيو ته گذريل نگران حڪومت ۾ صدارتي آرڊيننس ۾ ارسا جي قانون ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني طور ترميم ڪئي وئي جنهن تي ان وقت به سنڌ اعتراض ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي پاڻي مٿان ڌاڙو هڻڻ جي رٿابندي سمجهندي يوم مادر وطن جي ميڙ قرارداد جي ذريعي رد ڪيو هو. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته نئي آيل وزيراعظم فوري طور ان نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني ڄاڻائي رد ڪري ها پر وزيراعظم شهباز شريف ان غيرقانوني ۽ غير آئيني آرڊيننس جي ذريعي ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ارسا چئيرمين جي مقرري ڪئي آهي جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض آهن، ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته غيرقانوني طور ڪيل ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ صوبن جي نمائيندن جي ارسا ۾ ڪا اهميت ناهي رهي ۽ ان طرح سان ارسا مڪمل طور فرد واحد اختيار هيٺ اچي وئي جيڪو نه صرف صوبن جي اختيارن ۽ ملڪ جي قانون ۽ آئين جي خلاف آهي پر ان سان گڏ هي سنڌ لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو فيصلو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن سي سي آئي موجود آهي ته پوءِ اهو نگران حڪومت ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني طور آندل آرڊيننس جي ڪا حيثيت نٿي رهي. انڪري موجوده وفاقي حڪومت جي ارسا ايڪٽ ۾ آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم مطابق جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي ۽ ان کي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ جي سازش سمجهي ٿي، وفاق جي اهڙي فيصلي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 17 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.