سٺ ميل ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل، 3 ڄڻا زخمي

نوابشاهه (ڊ ر) سٺ ميل ٿاڻي جي حد ۾ ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل، سڱاوتي ۽ زمين جي تڪرار تان الھ وڌايو عرف پوڙهو شر پنهنجي سڳي ڀاءُ احسان شر کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، 3 ڄڻا زخمي،  جوابدار فرار، 3 ڏينهن اندر 3 قتل، پوليس جي ڪارڪردگي سواليه نشان، سٺ ميل ٿاڻي جي حد واسڻي ڀٽ ديھ 105 ڳوٺ عطاءُ الله مينگل لڳ ٻن سڳن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ننڍي ڀاءُ الھوڌايو عرف پوڙھو شر پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي 45 سالن جي وڏي ڀاءُ احسان شر کر قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته مقتول جي ٻه پٽن غلام مصطفيٰ ۽ رحمت الله شر ۽ ھڪ واٽھڙو شوڪت لانڊر کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش ۽  زخمين کي پي ايم سي اسپتال نوابشاھ منتقل ڪري ڇڏيو.

 

سٺ ميل ايس ايڇ او منظور ڀنگوار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو زمين ۽ سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي پر جلد هن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهري ۾ آڻينداسين، ٻه ڏينهن پهرين ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ٿيل جوڙي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، 3 ڏينهن اندر 3 قتل ٿيڻ سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي ۽ ماڻهن ۾ خوف جي لهر به ڇانيل آهي، علائقي واسين ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته سٺ ميل جي حد ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.