ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو/ ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مغوين جي آزادي لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن مغوين جي وارثن ۽ شهرين پاران شهر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، بدامني جي ٻرندڙ باهه تي ضابطو نه اچڻ تي ڪنڌڪوٽ شهر جا ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، شهر جا مک بازار صرافا بازار، رسالدار،گهنٽاگهر چوڪ، ڊي سي چوڪ سميت ٻين هنڌن تي ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته بدامني خلاف مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جا اڳواڻ اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاهاڻي،شاهنواز مرهيٽو، والي ڏنو سنڌي، سجاد بروهي،سليم ميراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي اندر بدامني جي باهه ٻريل آهي جيڪا باهه گهٽ ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي ، پوري ضلعي جي عوام بدامني جي راڪاس جي ڪري مفلوج بڻيل آهي هو روڊ رستن تي نڪري نه ٿا سگهن ۽ پوليس عوام کي حفاظت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪي مغوين جا پيارا احتجاج ڪن ٿا ته وري انهن کي ڌمڪائي رهي آهي هڪ طرف ڪچي جي ڌاڙيلن جو ظلم هلي رهيو آهي ته ٻئي طرف پڪي تي موجود پوليس عوام لاءِ ناسور بڻيل آهي.
شهرين کي امن و امان نه ملڻ تي شهرين شٽربند هڙتال ڪئي آهي ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان کي امن و امان بحال کپي ٻي صورت ۾ سخت تحريڪ هلائي ويندي.جڏهن ته شهر ۾ شٽربند سان گڏو گڏ ڊسٽرڪٽ بار طرفان پوري ضلعي جي عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.ڊسٽرڪٽ بار جي صدر محسن خان پٺاڻ جو چوڻ هو ته ضلعي جي عوام ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي پوليس مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ان لاءِ اسين پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي اسين پنهنجي شهرين سان گڏ آهيون ۽ احتجاجن اسين پوري ضلعي جي عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي امن و امان جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، ياد رهي ته مغوي خالد، صدرالدين ميراڻي، علي بھار سھرياڻي، شمن علي، ذيشان سھرياڻي، درمحمد، غلام محمد گولو سميت 12 مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن جن جي بازيابي خواب بڻيل آهي ۽ مغوين جي گهرن ۾ قيامت برپا ٿيل آهي.