اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ درخواستگذار جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته پي ٽي اي جي وڪيل تياري جي لاءِ عدالت کان وقت گهري ورتو. عدالت سوال ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست تي ڇا ٿيو؟ اتي به توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي چيو ته اسان کي هن درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي به اعتراض آهي. عدالت چيو ته جيڪو به آهي، جنهن به ڪيو آهي پر هڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ ۾ به ايڪس جي سروس سست رفتار سان هلي رهي آهي ان لاءِ اوهان کي چيو هو ته هن عدالت ۾ گڏيل جواب جمع ڪرايو. عدالت پي ٽي اي جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرايو، جواب چٽو هجڻ گهرجي عدالت کي به خبر پوي ته اصل ۾ ٿي ڇا رهيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته پهريان جواب ته اچڻ ڏيو، هٿيار پهريان نه ڏيکاريا ويندا آهن، ان لاءِ ڊگهي تاريخ به نه ڏني آهي تڪڙو جواب طلب ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.