اسلام آباد، راولپنڊي سوڌو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ سوات سوڌو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ڪي پي  ڪي جي علائقن پشاور، مردان، ڪوهاٽ، ضلعي سوات، ضلعي لوئر دير مالاڪنڊ ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ان کانسواءِ مظفرآباد شهر، ضلعي ڪرم ڀرپاسي جي علائقن ۽ ميانوالي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلو 8 لڳي 24 منٽن تي آيو، شدت 5.3 هئي ۽ اونهائي 130 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته مرڪز هندو ڪش ريجن افغانستان هو، زلزلي جي ڪري ماڻهو ڪلمو طيبه جو ورد ڪندي خوف ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه ملي سگهيا.

  1. ڪراچي ايئرپورٽ تان جعلي ويزا ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)  جعلي ويزا ۽ سنگين  ڪيسن ۾ گهربل4  جوابدارن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪي ويو،  ايف آءِ اي  ترجمان موجب ايف آءِ اي ايميگريشن ڪراچي ايئرپروٽ تي ڪارروائي ڪندي سنگين ڪيسن ۽ جعلي ويزا ۾ گهربل 4 جوابدارن سهيل انجم، محمد اشرف، عبدالعزيز ۽ محمد سرور کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هئا ۽ انهن جي خلاف قتل جي قلمن تحت به ڪيس داخل آهن، جوابدار سهيل انجم کي يو  اي اي مان پاڪستان پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جوبدار جو تعلق سوات سان آهي ۽ ان  جي خلاف 2012ع ۾ صدر پوليس اسٽيشن چڪوال ۾ ڪيس داخل هو، ناروال سان تعلق رکندڙ جوابدار محمد  اشرف کي سعودي عرب مان پاڪستان پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جي خلاف هلندڙ سال شاهه غريب ٿاڻو نارووال ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدارن کي لاڳاپيل پوليس عملدارن جي حوالي ڪيو ويو، جوابدار  عبدالعزيز ۽ محمد سرور جي پاسپورٽ تي سوئيزرلينڊ جو جعلي ويزا لڳو هو، جوابدارن جيوا ۾ رهندڙ ايجنٽ کان 35 هزار روپيا في ماڻهن جي عيوض ويزا حاصل ڪيا هئا، جوابدارن کي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

  1. بجلي بلن ۾ ميونسپل چارجز جي وصولي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز جي وصولي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالت  بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز وصولي خلاف جاري اسٽي آرڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، درخواستگذار جماعت اسلامي جي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي ايڊووڪيٽ عثمان فاروق چيو ته وفاقي ادارو ضلعي جي اداري ذريعي ٽيڪس گڏ نٿو ڪري سگهي، ڪي ايم سي ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجو طريقو ٺاهي، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته حڪومت هاڻي ئي ٺهي آهي، دليلن لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي، قاعدن بابت نئين درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اسان کي ان جي ڪاپي نه ملي آهي. درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ڪيس گذريل سال کان التوا ۾ آهي، عدالت ايڊووڪيٽ طارق منصور کان سوال ڪيو ته ڇا توهان نئين درخواست داخل ڪرائي آهي؟ وڪيل طارق منصور چيو ته درخواست ڪيترائي مهينا اڳ داخل ڪئي وئي هئي، نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. درخواست جي ٻڌڻي لاڳاپيل بينچ جي عدم موجودگي سبب 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين پاران بجلي جي بلن ۾ ميونسپل چارجز جي وصولي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.