اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام فضل الرحمان (جي يو آءِ ايف) سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جو وفد مولانا عبدالغفور حيدري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ پهتو، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سياسي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪيون. هن چيو ته سينيٽ اندر ووٽن جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو پر هو حڪومت ٺاهڻ واري عمل ۾ حصو نه وٺنداسين. ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ ۾ هڪ ٻئي جي حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان جي ڳالهين واري ڪميٽي قيادت جي هدايت تي مولانا فضل الرحمان سان ٻه ٽي ڀيرا ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۽ حمايت جو سلسلو جاري رهندو. پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته جميعت علماءِ اسلام (ف) کي ڀليڪار چئون ٿا. ان موقعي تي نيئر بخاري چيو ته پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ جي يو آءِ ف جي حمايت ڪندي. جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ سينيٽ جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ 14مارچ تي ٿيندي. سينيٽ جي ننڍي چونڊ اسلام آباد جي هڪ، سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي ٽن سيٽن تي ٿيندي. 14 مارچ تي شيڊيول ننڍي چونڊ ۾ جعيت علماءُ اسلام جي ميمبرن اسلام آباد جي سيٽ تي يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏيندي.