ورهاڱي بدران فخر سان آزادي جو لفظ استعمال ڪيو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل طرفان ” پارٽيشن “ جي لفظن تي رمارڪس ڏيندي چيو ته پارٽيشن بدران ” آزادي کانپوءِ “ جا لفظ استعمال ڪريو. سپريم  ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ چترال زميني تڪرار واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته مفروضن جي بنياد تي ڪيس نٿا هلائي سگهون، ڪو ثبوت آهي ته ڏيکاريو. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل جي ” پارٽيشن “ لفظن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ” پارٽيشن“ بدران ” آزادي کانپوءِ “ جا لفظ استعمال ڪيو. چيف جسٽس چيو ته پارٽيشن جا لفظ ڀارتي استعمال ڪري سگهن ٿا ڇو ته هو ڪڏهن حڪمران ناهن رهيا، اسان کي فخر سان آزادي حاصل ڪرڻ وارا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن.  ان کان اڳ به درخواست گذار سول ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ به جائيداد جي ملڪيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو.

  1. شهري، زال ۽ ٻارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهي سگهيا، ڊي سي طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ شناختي ڪارڊ نه ٺهڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ظهير احمد سميت وارثن شناختي ڪارڊ جي نه ٺهڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست  داخل ڪئي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته عدالت منهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پر هن وقت تائين نه ٺهي سگهيا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هڪ سال اڳ ظهير احمد جي شناختي ڪارڊ جو مدو ختم ٿي ويو، نئون ڪارڊ نه ٺهي رهيو آهي، درخواستگذارجي وڪيل چيو ته  اوڀر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر عذر پيش ڪري رهيو آهي، نادرا ضلعي سطح جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي رپورٽ نه ڏئي رهي آهي، عدالت ڊپٽي ڪمشنر اوڀر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتوآهي .ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. ڪي پي جي وڏي وزير وفاق خلاف خلاف بغاوت جي شروعات ڪري ڇڏي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) خيبر پختونخواھ جي وڏي وزير وفاق خلاف پھرين بغاوت جو پٿر رکي ڇڏيو آھي.وڏي وزير نوٽيفڪيشن جاري ڪندي صوبي جي موجوده چيف سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري کي ھٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي شھاب علي شاھ کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آھي.جيڪو ھن وقت بلوچستان ۾ خدمتون ڏئي رھيو آھي.ھن کان اڳ ان جو ڪو مثال نٿو ملي.عام طور تي اھي آفيسر وفاق جا ملازم ھوندا آھن ۽ انھن جي بدلي يا مقرري ڪيبينٽ ڊويزن ڪندي آھي.ھتي سوال ھي آھي تھ يا تھ علي امين گنڊاپور ان سسٽم کان واقف نھ آھي يا وري ھن ھٿ سان بحران پيدا ڪيو آھي.جيڪو وفاق حل ڪندو يا وري گنڊاپور کي ھڪ قدم پوئتي وڃڻو پوندو.شھاب علي شاھ 2021 کان 2022 تائين ڪي پي ڪي صوبي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري رھيو آھي. ان دوران پي ٽي آءِ، جي ھر تحريڪ يا وفاق تي يلغار ۾ ھن بيوڪريسي مان پارٽي کي مڪمل سھولتون ڏنيون.جنھن ڪري ھاڻي جڏھن ڪي پي ڪي، ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي تھ کيس گھرايو پيو وڃي.ٿرو پراپر چينل نھ وڃڻ ڪري ھاڻي اھو ممڪن نٿو لڳي تھ وفاق ڪي پي ڪي،کي اھو آفسر مقرر ڪري ڏئي.ڇاڪاڻ جو پوسٽنگ ٿيڻ سان وفاق جي ڪمزور ھئڻ جو تاثر ويندو، شروع ۾ ئي وفاقي حڪومت پاڻ کي ڪمزور محسوس ٿيڻ نھ ڏيندي.ٻئي پاسي اھڙي نوٽيفڪيشن سان شھاب علي شاھ  جي ڪيريئر تي ٽڪو لڳي ويو آھي.

  1. گورنر سنڌ سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر )  گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي ترقياتي منصوبن، امن امان جي بهتري لاءِ قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

  1. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران واپاري کي حراست ۾ وٺڻ واري معاملي ۾اڳڀرائي

ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران واپاري کي تحويل ۾ وٺڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي، ان ڏس ۾ هڪ سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آئي آهي، جنهن مطابق سي ٽي ڊي اهلڪارن پهريان پيپر ملڪ جي مالڪ چوڌري عباس الله جي تاڙ ڪئي، واپاري کي گهر ٻاهران پهچڻ تي پهريان ڳالهين ۾ مصروف ڪيو ويو ۽ پوءِ کنيو ويو، سي ٽي ڊي تاجر  کي کنڀڻ لاءِ بغير نالي ۽ نمبر جي موبائل استعمال ڪئي، جنهن ۾ اهلڪار موجود هئا، وڊيو ۽تصويرن ۾ اهلڪارن جا منهن ڏسي سگهن ٿا، واپاري عباس الله پاران آءِ جي سنڌ  پوليس کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته تاجر کي 6 مارچ تي گلشن ميمار کي گهر ٻاهران  تحويل ۾ ورتو ويو، خط ۾ ٻڌايو ويو ته ٻئي  ڏينهن 7 مارچ تي رات ساڍا  3 وڳي اعليٰ آفيسرن جي هدايت تي تاجر عباس  الله کي آزاد ڪيو ويو، خط ۾ سي ڊي ٽي جي گارڊ جي ايس ايس پي فدا حسين يج خلاف انڪوائري جي سفارس ڪئي ۽ چيو ويو ته ايس ايس پي، سي ٽي ڊي  مون کي غير قانوني طور تحويل ۾ رکيو، ايس ايس پي پئسا وٺڻ لاءِ اڪائونٽ نمبر ۽ ايڊوانس ۾ چيڪ گهريا، اڪائونٽس  نمبر ۽ ايڊوانس نه ڏيڻ تي تحويل ۾ تشدد ڪيو ويو، تاجر پوليس پروٽيڪشن فراهم ڪرڻ به مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.