ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪيس، ايف بي آر ۽ ٻين کان رڪارڊ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بيچ وفاق ۽ صوبي وچ ۾  ورڪرز ويلفيئر فنڊز  واري ڪيس جي مختلف درخواستن تي ٻئي ڪئي، چيف جسٽس چيو ته جنهن درخواستگذار انڊسٽيريز پاران رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو ته ان جي درخواست رد ڪئي ويندي، عدالت ايف بي آر ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ايس بي آر جي وڪيل چيو ته 2011ع ۾ فنڊن وٺڻ جي تڪرار خلاف انڊسٽريز عدالت سان رابطو ڪيو، عدالت سمورين ڌرين کي کي پابند ڪيو هو ته ورڪرز ويليفئر فنڊ جي رقم درخواست تي حتمي فيصلو نه ٿيڻ تائين هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٺ جمع ڪئي ويندي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته انڊسٽريز ورڪرز ويلفيئر فنڊن جي رقم نه ايف بي آر، نه ايس آر بي وري نه ناظر وٺڻ جمع ڪرائي، وڪيل جو چوڻ هو ته پورهيتن جا اربين رپيا جمع ٿي ويا آهن پر ڪنهن وٽ حساب نه آهي، پورهيت پنهنجي ٻار جي شادي يا وري خاندان ۾ ڏک لاءِ فنڊ مان رپيو به نٿو وٺي سگهي،عدالت جمع ڪرايل رقم جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.