ڪرمپور ڀرسان هٿياربند ٽن پورهيتن کي اغوا ڪري ويا، سوين ماڻهن جو ڌرڻو

سکر/ ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حاجي غوث بخش بجاراڻي مان ڳوٺ جي مقامي زميندار ڊاڪٽر نظير احمد بجاراڻي جي بنگلي تان رات دير سان هٿياربند روڊ تي ڪم ڪندڙ روهڙي واسي ٽن مزدورن علي شير شيخ، سهراب  شيخ، مير خان شيخ کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، ڪرمپورحد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ڳوٺاڻن سان گڏجي ھٿيار بندن جي پيري پويان رواني ٿي، ڳوٺاڻا واپس اچي ويا، پوليس ڪچي ۾ لٿل، رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر نظير احمد بجاراڻي ٻڌايو ته پنھنجي ڳوٺ جو روڊ منظور ڪرايو جنھن تي اھي ٽيئي پورھيت ڪم ڪندا ھئا، اڄ سوير نوڪر انهن کي لانڍي ۾ چانھه ڏيڻ ويو ته سندن چپل پيا ھئا ۽ کٽون خالي پيل ھيون جنھن مان شڪ پيو ته کين اغوا ڪيو ويو آھي، اغوا ٿيلن جي وارثن پاران ڪرموپور انڊس هاءِ وي کي احتجاجن طور بندڪري ڇڏيو وارثن پاران اغوا ٿلين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، اغوا ٿي ويل پورهيتن جي وارثن عنايت شيخ، منظور شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون اسان جا نوجوان نئي ٺهندڙ روڊ جي ڪم لاءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرف مزدوري لاءِ ويل هئا جتان هنن کي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي اسان جي اغوا ٿي ويل نوجوانن بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ٻئي پاسي ڌرڻي واري هنڌ مظاهرين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ نظر آئي، مظاهرين پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.