سنڌ ڪابينا حلف کڻي ورتو،ٽرانسپورٽ شرجيل، توانائي ناصر شاهه ۽ تعليم سردار شاهه حوالي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي 10 رڪني صوبائي ڪابينا حلف کڻي ورتو، شرجيل انعام ميمڻ سينيئر صوبائي وزير طور شامل، 3 صوبائي  صلاحڪار به شامل، سينيئر صوبائي شرجيل انعام ميمڻ کي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ واري کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، عذرا پيچوهو کي صحت، ناصر شاهه کي توانائي، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ، سردار علي شاهه کي تعليم ۽ معدنيات، سعيڊ عني کي مڪاني ادارن ۽ حاجي علي حسن زرداري کي جيلن واري کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي جي 10 رڪني ڪابينا جي ميمبرن جي حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري نئين چونڊيل ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو. ڪابينا ميمبرن ۽ سندن قلمدانن جا تفصيل هن ريت آهن، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتا ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کي صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر کاتا ڏنا ويا، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  کي توانائي کاتو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتو ڏنو ويو آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي ڊپارٽمينٽ آف اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي، ڊپارٽمينٽ آف ڪاليج ايجوڪيشن ۽ ڊپارٽمينٽ آف مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ ڏنا ويا ، صوبائي وزير سعيد غني کي لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ کاتا ڏنا ويا .  صوبائي وزير ڄام خان شورو کي آبپاشي کاتو ۽ خوراڪ کاتو (اضافي) ڏنو ويو، ضياءَ الحسن لنجار کي گهرو کاتو، قانون کاتو، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتا ڏنا ويا . صوبائي وزير محمد بخش خان مهر کي زراعت، سپلائي اينڊ پرائسز، راندين ۽ نوجوانن معاملن وارو کاتو ۽ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کاتا ڏنا ويا. صوبائي وزير علي حسن زرداري کي جيل کاتو ڏنو ويو. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ٽن صلاحڪارن کي ڏنل قلمدان هن ريت آهن، صلاحڪار الله ڏنو خان ڀيو کي ٻيلي ۽ وائلڊ لائيف کاتو، صلاحڪار احسان الرحمان مزاري کي بين الصوبائي رابطا اينڊ ڪوآپريٽو کاتو ۽ صلاحڪار سيد نجمي عالم کي انساني آبادي، لوڪل ڊولپمينٽ ۽ سوشل هائوسنگ ڊيولپمينٽ ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جا قلمدان ڏنا ويا. ڪابينا جي ميمبرن جي حلف برداري واري تقريب کانپوءِ وڏي وزير مزار قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي جڏهن ته آخر ۾ هن وزٽر بوڪ ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.