ڪنڊيارو (رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو) ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاھراھ تي مسافر بس جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽي پورهيت فوت ٿي ويا، بس ڊرائيور بس سميت ڀڄي ويو، فوتين جي ٻن ڀائرن ۽ سندن چاچي سان سڃاڻپ ٿي، قومي شاھراھ تي تاج پيٽرول پمپ ڀرسان مسافر بس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، ٽي پورهيت ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته بس ڊرائيور بس سميت حادثي واري هنڌ کان ڀڄي ويو، اطلاع ملڻ تي فلاحي اداري حسوا ۽ ايڌي انتظاميا پاران فوتين جا لاش ڪنڊيارو اسپتال آندا ويا، تعلقهي اسپتال ۾ فوتين جي سڃاڻپ ڪنڊيارو جي ڳوٺ ڪبير گھانگھرو جي رهواسي ٻن ڀائرن منظور، بلاول ۽ هنن جي چاچي روشن گھانگھرو جي نالن سان ٿي، ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هڪ ئي خاندان جي ٽن پورهيتن جا لاش سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ھڪ ئي وقت هڪ ئي گهر جي ٽن پورهيتن جا لاش کڄڻ تي هراک آلي هئي، فوتين جي جنازي نماز گهانگهرا ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ڪيترن ئي معززين ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد فوتين جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، وارثن موجب حادثي جو شڪار ٿيل پورهيت سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا ھيا جيڪي ڳوٺ کان مزدوري لاءِ وڃي رھيا ھئا ته حادثي جو شڪار بڻجي ويا، اهڙي خوفناڪ ۽ ڏکائتي حادثي سبب ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي سوڳ ڇائنيل آھي.