اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ 8 رڪني قانون سڌارا ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي، قانون ۽ انصاف جي وزارت جي ترجمان مطابق قانون جي سڌارن جي سربراهي سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪندو، ڪاميٽي ميمبرن ۾ احساق ڊار، شاهد حامد، زاهد حامد، مخدوم علي خان ۽ اٽارني جنرل شامل آهن، ان کانسواءِ صدر سپريم ڪورٽ بار شهزاد شوڪت ۽ احسن بون به قانوني سڌار ڪاميٽي جو حصو آهن، ان حوالي سان اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ۽ قانون سڌارا ايجنڊي ۾ شامل آهن، وزيراعظم فوجداري ۽ ديواني معاملن ۾ انصاف فراهمي ۾ دير جو نوٽيس وٺندي ڪاميٽي ٺاهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ فوجداري، سول، مالياتي ۽ آئيني شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.