ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ پيءُ هٿان ساڙي زخمي ڪيل 3 ورهين جو ٻارڙو به علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اهڙي طرح ساڙي زخمي ڪيل ٽئي ٻارڙا هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿي ويا، تفصيل مطابق خواجه اجمير نگري جي علائقي سيڪٽر فائيو سي فور ۾ گرائونڊ ۾5 ۽ 6 مارچ جي وچ واري تار پيءُ ٽن ٻارڙن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، جنهن جي ٻئي ڏينهن 45 ورهين جو عارف ولد بشير سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته زخمي ٽن ٻارڙن ۾ ٽن ورهين جو غلام حسين، چيئن ورهين جي ايمان فاطمه ۽ پنج ورهين حريا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي هئي، ان کان اڳ ايمان فاطمه به علاج دوران فوت ٿي وئي هئي، جڏهن ته غلام حسين جيڪو اين آءِ سي ايڇ ۾ اعلاج هيٺ هو اهو به سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.