ڪنڌڪوٽ ۾ 2 مغوين جي آزادي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ صحافي سليم ميراڻي جا اغوا ٿيل سئوٽن خالد عرف لالو ميراڻي، صدر الدين ميراڻي جي آزادي لاءِ سنڌ ملاح فورم جي سڏ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڌرڻي ھڻندڙن کي ڳالھين لاءِ گھرايو ڳالھيون ڪامياب نه ٿيون، اڄ شهر ۾ هڙتال جو اعلان، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني جي باھ تيز ٿي وئي، اغوا ٿيلن کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان آزاد نه ڪرائي سگهي، صحافي سليم ميراڻي جا ٻه سئوٽ خالد عرف لالو ميراڻي، صدر الدين ميراڻي کي پوليس ڇھ ڏينهن گذرڻ جي باوجود بازياب نه  ڪرائي سگهي آهي ٻنھي مغوين جي آزادي لاءِ سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، صحافي برادري شامل ٿي متاثر خاندان سميت جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ حافظ نصر الله چنا، سنڌ ملاح فورم جي غلام مصطفيٰ ميراڻي، بشير احمد ميراڻي، غلام رسول ميراڻي، شرف ميراڻي، ايس پي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، ايس يو پي اڳواڻ ظريت ساگر بجاراڻي، جي يو آءِ جي اڳواڻن مولوي عبدالعزيز سميجو، حافظ عرفان الله کوسو، شھري اتحاد ۽ صرافا يونين جي حاجي حضور بخش مغل، پريس ڪلب جي صدر پير بخش بنگوار، جنرل سيڪريٽري  راجا گوپي چند، سينيئر صحافي لياقت علي کوسو، بقا محمد بنگوار، غلام ياسين لاشاري، احمد علي مغل، مير علي اڪبر بنگوار جڏھن ته ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبر مشتاق خان چاچڙ، اصغر شيخ، قاضي عنايت چاچڙ، صوفي ڊاڪٽر سريش ڪمار، فدا حسين محمداڻي  ۽ ٻيا احتجاج ۾ شامل ٿيا، اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڏوھاري راڄ قائم ٿي ويو آهي، ھر روز اغوا، ڦر، چوريون روز جا معمول بڻجي ويا آهن انھي ڪري عوام خوف واري زندگي گذاري رھي آهي پر عوام جو درد ڪير به سمجھڻ لاءِ تيار نه آهي پوليس تي آرامي آهي جاڳي ھي نه ٿي ھڪ بازياب ٿي ٿو ته وري ٻه يا ٽي اغوا ٿين ٿا اھو سلسلو رڪجي ھي نه ٿو ڏوھارين مغوين جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ وٺن ٿا اھو ھاڻي ڪاروبار بڻجي ويو آهي انھي ۾ غريب مسڪين متاثر ٿي رھيا آهن انھي دوران امن امان جي صورتحال بابت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس پي آفيس ۾ موجود ھيو جنهن ڊي ايس پي سيد اصغر شاھ کي موڪليو ته مظاهرين ڪندڙن کي گھرايو ته ڳالھيون ڪندس جنهن دوران ھڪ وفد ويو جتي ڳالھيون ڪامياب نه ٿيون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مغوين جي آزادي لاءِ اڄ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.