ڪراچي( م ڊ) ڪراچي ۾ افطاري کان اڳ گئس غائب ٿي وئي، گئس بند ٿيڻ سبب روزيدارن سخت پريشانين کي منهن ڏنو، مختلف علائقن ۾ افطاري وقت گئس نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون ويون ، سرجاڻي سيڪٽر 6، شانتي نگر ۽ ٻين\ علائقن ۾ گئس افطاري کان ڪجهه وقت گئس غائب ٿي وئي، هوڏانهن سلمان فارسي سوسائٽي ۽ الفلاح ۾ به گئس پريشر گهٽ هجڻ سبب صارف سخت پريشان رهيا.