حسين ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا

لاهور (م ڊ )  مسلم ليگ(ن جي اڳواڻ ميان نوازشريف جا پٽ ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جا ڀاءُ حسين نواز ۽ حسن نواز لنڊن کان لاهور پهچي ويا آهن.ذريعن موجب نواز شريف جاتي عمرا پهچڻ تي پنهنجي ٻنهي پٽن جو استقبال ڪيو. ياد رهي ته حسين نواز ۽ حسن نواز ڪافي وقت کان لنڊن ۾ موجود هئا. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ 3 ريفرنسز ۾ نوازشريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جي گرفتاري وارنٽ جي معطلي جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.حسن نواز ۽ حسين نواز جي وڪيل چيو ته حسن ۽ حسين نواز 12 مارچ تي پاڪستان اچڻ ۽ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهيو ٿي.. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا.عدالت 14 مارچ تائين جي لاءِ ٻنهي جا العزيزيه فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ دائمي گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.