سنڌ ۾ ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ڊپٽي جنرل  سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ مهراڻ سنڌي ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هر طرف لاقانونيت ۽ بربريت جو راڄ آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، هڪڙي سازش تحت سنڌ جو امن و امان تباهه ڪري سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن سنڌي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، رياست سنڌ ۾ امن و امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام جي ٽيڪس مان پگھار کڻندڙ سنڌ پوليس جي آءِ جي کي فوري استعيفيٰ ڏئي عهدو ڇڏڻ گهرجي، ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تائين سنڌ جو امن بحال نه ٿي سگهندو، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس ۽ سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو، سنڌ کي ڌاڙيل اسٽيٽ بڻائڻ بند ڪريو، سنڌ ۾ ڌاڙيلن آئين ۽ قانون جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن رياست جي رٽ ختم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ آئين جي حڪمراني بدران ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. عوامي تحريڪ اڳواڻن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ ڌاڙيل راڄ بدامني لاقانونيت تي سوموٽو نوٽيس وٺي، سنڌ جو امن بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.