اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري پنهنجي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف زرداري اهو فيصلو پيش ايندڙ معاشي چيلنجز کي نظر ۾ رکندي ڪيو.جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر آصف زرداري جي فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ دانشمندانه، مالياتي انتظاميه جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي. صدر آصف زرداري قومي ناڻي تي بار نه وجهڻ جو فيصلو ڪندي پگهار نه وٺڻ کي ترجيح ڏني.