پي ٽي آءِ بردباري جو مظاهرو ڪري ته مفاهمت ٿي سگهي ٿي: ڪائرا

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان  قائرا چيو  آهي ته اپوزيشن پارٽين کي پويون ڳالهيون ڇڏي مفاهمت جو رستو وٺڻ  جومشورو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندي ته مفاهمت ٿي سگهي ٿي، هڪ انٽريو ۾ قمر الزمان قائرا  چيو ته ماضي ۾ اڪثر دورن ۾ ايوان صدر جمهوريت جي خلاف استعمال ٿيندو رهيو، جڏهن ته صدر  آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ اتان جمهوريت مستحڪم ٿيندي، هن چيو ته عارف علوي شريف ماڻهو آهي، پر پنهنجي پارٽين جي ڳالهين ۾ اچي هن آئين کي اورانگهيو، هن چيو ته عارف علوي تي سڄي  ذميواري مناسب ناهي، هي فيصلو عارف علوي جو نه هو ڇو ته ان وقت ملڪ جون حالتون اهڙيون نه هيون، پ پ اڳواڻ چيو ته صدر زرداري ڪو غير جمهوري غير سياسي ڪم نه ڪندو، ڇو ته هو قومي مفاهمت جو داعي آهي.

  1. ڪي پي حڪومت 27 ارب رپين کان وڌيڪ پرڏيهي قرض واپس ڪري ڇڏيا

پشاور  ( م ڊ) ڪي پي حڪومت 27 ارب رپين کان وڌيڪ پرڏيهي قرض واپس ڪري ڇڏيا،خيبرپخونخوا حڪومت پرڏيهي  مالياتي ادارن جا 27 ارب 643 ڪروڙ رپيا قرض وياج سميت واپس ڪيا آهن، حڪومت 2017ع کان وٺي هن مهل تائين قرضن جون 6 قسطون ادا ڪري چڪو آهي، پرڏيهي مالياتي ادارن کان آمريڪي ڊالرن جي صورت ۾ حاصل ڪيل قرضن مان 24 ارب 235 ڪروڙ رپيا واپس ڪيا ويا آهن، جن ۾ 6 ارب رپين جو وياج به شامل آهي. جاپاني (ين) ڊوميٽيڊ قرضن ۾ 2 ارب 555 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، جن ۾ 10 ڪروڙ رپيا وياج به شامل آهن. گذريل سال صرف يورو ڊوميٽيڊ قرضن جي مد ۾ 48.7 ڪروڙ رپيا وياج ادا ڪيا ويا آهن، جرمن (ڊي ايم) قرضن جي صورت ۾ هينئر تائين 4.8 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 40 لک رپيا وياج ادا ڪيا ويا آهن. ملڪي قرضن جا 18 ڪروڙ 18 لک ادا ڪيا ويا، جن ۾ 32 ملين وياج به شامل آهي. خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هنن پرڏيهي مالياتي ادارن کان وياج تي ورتل قرضن جي واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي، اها رقم ان لاءِ مختص ڪيل رقم مان ڏني پئي وڃي، جنهن جي ايندڙ قسط هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي قرضن جي ادائيگي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت صوبي جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽجي ڪري خيبرپختونخواهه جا قرض ادا ڪري رهي آهي.، خيبرپختونخواهه حڪومت 18-2017ع ۾ پرڏيهي مالياتي ادارن کي 8 ارب رپين جو قرض واپس ڪيو، اهڙي طرح 19-2018ع ۾ 9 ارب رپين جو قرض واپس ڪيو، 20-2019ع ۾ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جڏهن ته 2020ع ۾ 21 اٽڪل 12 ارب رپيا رائٽ آف ڪيا ويا. 22-2021ع ۾ 15 ارب رپين جو قرض ۽ مالي سال 23-2022ع دوران 27 ارب رپين کان وڌيڪ جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي.

  1. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پگهار نه وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن کي قلمدان ڏيڻ بعد گهرو وزير محسن نقوي پگھار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو ۽ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير اعلان ڪيو ته مان ان عرصي دوران پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي،محسن نقوي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ قوم جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.