ڪراچي(رپورٽر) صدارتي عهدو سنڀالڻ بعد آصف زرداري پهريون ڀيرو ڪراچي پهتو، مزار قائد تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ گل رکيا، آصف زرداري جي آمد جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، صدر جي سيڪيورٽي جا فرض سنڌ پوليس جي اسپيشلائيزڊ سيڪيورٽي يونٽ سرانجام ڏنا، صدر آصف علي زرداري خاص جهاز ذريعي راولپنڊي کان نور خان ايئر بيس کان فيصل ايئر بيس ڪراچي پهتو، جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ ٻين صدر آصف زرداري جي آجيان ڪئي. صدر آصف زرداري رات بلاول هائوس ڪراچي ۾ رهيو ۽ اڄ ڪراچي کان لاڙڪاڻي روانو ٿيندو، جتي هو شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي آخري آرامگاهن تي حاضري ڀريندو.