حيدرآباد(رپورٽر) ايف آءِ اي حيدرآباد جي خاص ٽيم ٽن جدا جدا حيسڪو آفيسن تي ڇاپا هڻي, پينشن ۽ جي پي فنڊ جي مد ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث هڪ چيف انجنيئر سميت 6 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار عملدارن ۽ ملازمن کان پڇا ڳاڇا شروع، وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جو امڪان آهي، ايف آءِ اي سرڪل حيدرآباد جي هڪ خاص ٽيم پاران حيسڪو ۾ پگهارن، پينشن ۽ جي پي فنڊ جي مد ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث حيسڪو عملدارن ۽ ملازمن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد ۾ ٽن جدا حيسڪو آفيسن تي ڇاپا مار ڪارروايون ڪندي هڪ چيف انجنيئر سميت 6 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ڇاپا مار ڪاررواين دوران حيسڪو آفيسن ۾ ڇاڄ پئجي وئي هئي. ايف آئي آي ٽيم حيسڪو هيڊ ڪواٽر تي ڇاپا مار ڪارروائي ٽن اڪائونٽ اسسٽنٽس ديپڪ، محمد بلال ۽ احتشام کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهي ڪارروائي ۾ اسسٽنٽ مئنيجر پوسنگ رحيم بخش گرفتار ٿيو، ٻي ڪارروائي قاسم آباد سب ڊويزن آپريشن آفيس ۾ ڪئي وئي ۽ اتان بابر زئي گرفتار ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اهي گرفتار ملازم قاسم آباد ڊويزن ۾ 2017ع کان 2023ع تائين پگهار ۽ پينشن جي بجيٽ ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ٽيئن ڪارروائي پاور ونگ ڪالوني ۾ ڪندي اتان چيف انجنيئر حيسڪو نثار ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ايف آئي اي جي ڪارروائي وقت حيسڪو هيڊ ڪواٽر ۾ ملازمن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ڪيترائي ملازم آفيس ڇڏي هليا ويا، ايف آءِ اي ذريعن موجب 200 کان 300 ملازم مختلف طريقن سان ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن اڃا تائين 6 ملازم گرفتار ٿيا آهن ٻين عملدارن ۽ ملازمن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.