ڪراچي (م ڊ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪيو، آصف علي زرداري کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون به ڏنيون، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، رجب طيب اردوان صدر پاڪستان چونڊجڻ تي آصف علي زرداري کي مبارڪون ڏنيون، ٻنهي صدرن باهمي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر آصف زرداري ترڪيه صدر جو شڪريو ادا ڪيو، صدر آصف علي زرداري ترڪي جي عوام کي رمضان جي مبارڪباد پيش ڪئي.