پي ڊي ايم ٽو پاڪستان کي والاريل ڪشمير بڻائي ڇڏيو آهي:خرم شير زمان

ڪراچي(م ڊ )  تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ خرم شير زمان پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات تي پابندي تي ردعمل ڏيندي جلد پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم 2 پاڪستان کي والاريل ڪشمير بڻائي ڇڏيو آهي جتي ڪير به سندس پنهنجي گهرڀاتي سان جيل ۾ نٿو ملي سگهي. هن چيو ته انتقامي ڪارروائي ۾ انڌي ليگي قيادت پاران جعلي مينڊنٽ ذريعي ٻين لاءِ برداشت جون تقريرون عام آهن پر پاڻ عدم برداشت جو شڪار آهن. هن چيو ته ملاقات نه ڪرڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به جمهوري نظام ۾ ناهي ٿيندي. هن چيو ته قوم کي اونهي کوهه ۾ اڇلائي پي ڊي ايم ٽولو ملڪ مان فرار ٿي ويندو، عوام قرضن جي بار هيٺان وڌيڪ نه رهي سگهندو. خرم شيرزمان چيو ته شهباز شريف جي ڪالهه واري تقرير مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه هئي، جيڪو رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هن چيو ته نااهل وزيراعظم کي رڳو عوام آڏو روئڻو هو ته پوءِ هن چونڊ مهم ۾ وڏا خواب ڇو ڏيکاريا؟ خرم شيرزمان آخر ۾ چيو ته عوام پنهنجي ليڊر عمران خان کي ڏسڻ چاهي ٿو ۽ خان گهڻو جلد عوام جي وچ ۾ هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.