نون نوٽن جي مس پرنٽ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ کان بينڪ کي مس پرنٽنگ  واري نئين ڪرنسي واري نوٽن جي فراهمي واري معاملي تي ترجمان نور احمد بيان جاري  ڪندي چيو آهي ته ان جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان نور  احمد چيوته نوٽ تي مس پرنٽنگ وڏي پئماني تي ناهي ٿي، شهري پريشان نه ٿين، مس پرنٽنگ وارا نوٽ تبديل ڪرائي سگهجن ٿا، شهري لاڳاپيل بينڪ برانچ ۽ اسٽيٽ بينڪ مان مس پرنٽنگ وارا ڪرنسي نوٽ تبديل ڪرائي سگهن ٿا.

  1. ڀڃ ڊاهه وارو ڪيس، عمر ايوب جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگرد ٽو عدالت 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ حساس هندن تي حملي جي ڪيسن ۾ نامزد مخالف اڳواڻ عمر ايوب جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، گذريل ڏينهن ٻڌڻي ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 25 مارچ تي ڪيسن جو  رڪارڊ به گهريو آهي، ياد رهي ته گذريل سال 9 مئي تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ ن جي آفيس کي ساڙڻ سميت فوجي، سول ۽ خانگي هنڌن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان ڏنو ويو هو، جڏهن ته ان دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا هئا.

  1. عطا الله تارڙ سڌ سماءَ واري وزارت جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير عطاالله تارڙ سڌ سماءَ واري وزاسرت ۾ عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، هڪ بيان ۾ عطالله تارڙ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت جا دروازا صحافي برادري لاءِ کليل رهندا.  هن چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ لاڳاپن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي  ضرورت آهي، حڪومتي  قدمن ۽ پاليسين تي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، عطاالله تارڙ چيو ته ميڊيا عوام ۽  حڪومت وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.