ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي نيشنل بينڪ ۾ انوکو واقعو سامهون آيو، اسٽيٽ بينڪ مان ايندڙ عجيب نوٽ ڏسي نيشنل بينڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو، اسٽيٽ بينڪ مس پرنٽنگ وارا ڪرنسي نوٽ موڪلي ڇڏيا، هڪ سائيڊ کان پرنٽ نوٽن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ته نيشنل بينڪ جي مئنيجر جو مٿو ڦري ويو، وڊيو ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو ته نون نوتن ۾ هڪ سائيڊڊ تي پرنٽ ۽ ٻي ساده آهي، بينڪ مئنيجر جو چوڻ هو ته اڄ ئي سمورا نوان نوٽ آيا آهن ۽ هڪ صارف جي انڪشاف تي اها ڳالهه منظر تي آئي آهي ته هڪ سائيڊ تي پرنٽ ۽ ٻي ساده آهي، بينڪ مئنيجر ٻڌايو ته صارف جي شڪايت بعد وڌيڪ بنڊلز کي چيڪ ڪيو ويو ته ڪرنسي نوٽ جي هڪ سائيڊ بغير پرنٽ جي آهي، هن چيو ته هڪ هزار جي نوٽن جون ڪيتريون ئي ڳٺڙيون صارفين ڏانهن هليون ويون آهن معلوم نه آهي، ڪرنسي نوٽن جي پيڪٽن ۾ ٻه ٻه نوٽ اهڙي طرح جا جڙيل آهن مس پرنٽنگ جو معلوم نه ٿيو، هن چيو ته وڌيڪ تفصيل آيا ته شيئر ڪنداسين.