نصيرآباد ۾ شبيران جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نصيرآباد (رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ ناري جمهوري محاذ جي عورتن فوزيا سينگار نوناري، مهرالنساء چنا عابدا چنا جي  اڳواڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو طرفان گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ رحمون کوسو جي رهواسڻ مقتول نينگري شبيران کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فوزيا سينگار نوناري، سينگار نوناري نجي چنا جي ايم سنڌي، مهرالنساءِ چنا عابدها چنا چيو ته شبيران کوسو جي قتل کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آھن پر گاجي کهاوڙ پوليس نينگري جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا جڏھن ته ايس ايس پي قمبر رڳو سکڻيون ڳالهيون ڪري هليو ويو پر نينگري جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نينگري جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.