اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف پروگرام کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اهم ڳالهين لاءِ جلد رسمي درخواست ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته هلندڙ مالي سال ڏکيو ثابت ٿيندو، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ڳالهيون هلندڙ هفتي شروع ٿي وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سموري توانائي انهن مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪندس. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو سلسلو 14 کان 18 مارچ تائين جاري رهندو، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. ناڻي واري وزير ايوان صدر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيوته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ رسمي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلندڙ هفتي ۾ شروع ٿينديون، محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ اڻ ٽر آهي، موجود مالي سال 2024ع هڪ ڏکيو سال هوندو، سموريون توانايون پاڪستان کي پيش ايندر ڏکيائن جي حل لاءِ استعمال ڪندس، هاڻي ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن پر هاڻي ايڪشن جو وقت اچي ويو آهي، ذريعي مطابق آءِ ايم ايف پاڪستان جو موجود ۽ نئين پروگرام تي ڳالهه ڪندو، آءِ ايم ايف جي موجود قرض پروگرام جي آخري قسط بابت ڳالهه ٿيندي، ناڻي واري وزارت چيو ته موجود قرض پرروگرام لاءِ پاڪستان سڀ حدف حاصل ڪري ورتا آهن، موجود قرض جي آخري قسط ۾ پاڪستان کي 1.1 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي، ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق حڪومت آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي به ڳالهائيندي نئون قرض پروگرام 6 کان 8 ارب ڊالر جو ٿي سگهي ٿو، نئين پروگرام لاءِ نون معاشي هدفن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ بجيٽ کان هٽي سبسڊي ختم رهندي، پاڪستان 6 ارب ڊالر جي نئين ميڊيم ٽرم بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ ڳالهيون شروع ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته آءِ ايم ايف کان ماحولياتي حوالي سان هڪ ارب 50 ڪروڙ کان 2 ارب ڊالر جي فنانسنگ حاصل ڪري سگهجي ٿي. هوڏانهن عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جو وفد پاڪستان پهچڻ جا اطلاع آهن. وفد اسٽينڊ باءِ پروگرام تحت ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندو.