دهشتگردي جو خدشو، عمران خان سميت اڊيالا جيل جي قيدين سان ملاقات تي پابندي لاڳو

راولپنڊي (م ڊ ) پنجاب حڪومت اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي  باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت سمورن قيدين سان ملاقاتن تي ٻن هفتن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، سيڪيورٽي خدشن سبب راولپنڊي جي اڊيالا جيل، ميانوالي، اٽڪ ۽ ڊي آءِ خان جيل جي انتظاميا کي سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.پڌرائي ۾ قيدين سان ملاقاتن تي ٻن هفتن لاءِ پابندي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جيلن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ۽ جيل ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وڃي.واضح رهي ته جيل انتظاميا عمران خان سان ملاقاتن لاءِ اڱاري ۽ خميس جو ڏينهن مقرر ڪيو هو.اڊيالا جيل ۾ عمران خان کانسواءِ تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي به قيد آهي.ياد رهي ته سي ٽي ڊي لاهور ڪجهه ڏينهن اڳ اڊيالا جيل تي حملو ناڪام بنائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.