اسلام آباد: (م ڊ) حڪمران اتحاد جو نامزد اميدوار آصف علي زرداري ٻيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي. آصف زرداري ٻيون ڀيرو صدر چونڊجندڙ پهريون سويلين صدر ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب پارليامينٽ هائوس ۾ 361 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو جن مان آصف علي زرداري 255 ووٽ حاصل ڪيا سندس مقابلي ۾ محمود خان اچڪزئي کي 119 ووٽ مليا. هڪ ووٽ رد ٿيو. آصف علي زرداري کي پنجاب اسيمبلي مان 246، سنڌ اسيمبلي مان 151، خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان 17، بلوچستان اسيمبلي مان 48 ووٽ مليا. سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود خان اچڪزئي پنجاب اسيمبلي مان 100، سنڌ اسيمبلي مان 9، خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان 91 ووٽ حاصل ڪيا. بلوچستان اسيمبلي مان انهي کي ڪوبه ووٽ نه مليو. پارليامينٽ هائوس ۽ ملڪ جي چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ 160 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جن مان اڳوڻي صدر آصف زرداري 151 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سندس مخالف محمود خان اچڪزئي 9 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. سنڌ اسيمبلي ۾ آصف زرداري کي 58 اليڪٽورل ووٽ ۽ مخالف محمود خان اچڪزئي کي 3 اليڪٽورل ووٽ مليا. سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ 2.6 ميمبرن جو هڪ ووٽ سمجهيو ويندو. بلوچستان اسيمبلي مان آصف زرداري کي 47 ووٽ مليا جڏهن ته محمود خان اچڪزئي کي هڪ به ووٽ نه مليو. پنجاب اسيمبلي ۾ صدارتي چونڊ لاءِ 352 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن مان 6 ووٽ رد ڪيا ويا. پنجاب اسيمبلي ۾ آصف زرداري کي 246 ۽ محمود خان اچڪزئي کي 100 ووٽ مليا، پنجاب اسيمبلي ۾ آصف زرداري کي 43.157 اليڪٽورل ووٽ مليا، جڏهن ته مخالف ڌر جي اميدوار محمود خان اچڪزئي کي 17.54 اليڪٽورل ووٽ مليا. ياد رهي ته بلوچستان اسيمبلي جي هر ميمبر جي هڪ هڪ ووٽ جي ڳڻپ ڪئي ويندي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ صدارتي چونڊ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. جي يو آءِ جي 9 ميمبرن صدارتي چونڊن ۾ حصو نه ورتو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ محمود چڪزئي 40.80 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته آصف علي زرداري 7.62 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا .خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 145 ميمبرن جي ايوان ۾ 2.2 ميمبرن جو هڪ ووٽ سمجهيو ويندو. مجموعي طور تي آصف زرداري قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئن صوبائي اسيمبلين مان 410.777 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري پاڪستان جو صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 180.34 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا. آصف علي زرداري ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو ۽ هو پاڪستان جو 14 هون صدر هوندو. آصف زرداري 2008ع کان 2013ع تائين صدارتي عهدو سنڀاليو. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري صدارتي چونڊن ۾ 411 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سندس مخالف چيئرمين محمود خان اچڪزئي رڳو 181 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صدارتي چونڊون ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ ٿيون. بيان ۾ چيو ويو ته اليڪٽورل ڪاليج جي سيٽن جو ڪل تعداد 1185 هو جنهن مان 92 خالي هيون، باقي 1093 ووٽرن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻو هو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 1044 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان 9 رد ڪيا ويا، ڪاسٽ ڪيل صحيح ووٽن جو ڪل انگ 1035 ٿي ويو.