اسلام آباد( م ڊ) ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي چيئرمين سينيٽ جو عهدو سنڀالي ورتو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مرزا محمد آفريدي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صادق سنجراڻي بلوچستان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو آهي، مرزا محمد آفريدي سينيٽ جي چيئرمين طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو.