ڪراچي(عوامي آواز نيوز) مفادن جي راند،هر چڙهندڙ سج جي پوڄاري لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان حرف آخر آصف زرداري ٿي ويو آهي، پ پ کي دهشتگرد جماعت ڪوٺيندڙ اڄڪلهه آصف زرداري جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ لڳا آهن،امين الحق جو موقف آهي ته زرداري ته سدائين پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو آهي، ان کان اڳ هو پ پ تي سنگين الزام هڻندو رهيو آهي، متحده جي اهم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جي به هڪ آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان ته پي ٽي آءِ کي تجويز ڏني هئي ته عمران خان کي مائنس ڪري پنهنجي پارٽي مان ڪو وزيراعظم آڻيو ته اسان حمايت ڪنداسين، پنهنجي قائد کي مائنس ڪندڙ ايم ڪيو ايم کي مائنس ون جو فارمولو ڏاڍو سٺو لڳندو آهي،تحريڪ انصاف ته اڃا تائين ايم ڪيو ايم پاڪستان وارو رستو اختيار ناهي ڪيو،
-
پاڪستان جي سطح تي نئين پارٽي ٺهڻ واري
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي سطح تي هڪ وڏي جماعت ٺهڻ واري آهي جنهن لاءِ دبئي ۾ وڏين اهم شخصيتن جي ميٽنگ ٿي آهي. انهن شخصيتن ۾ مفتاح اسماعيل به شامل آهي جيڪو ناڻي وزير ۽ پرڏيهي وزير به رهي چڪو آهي سندس تعلق مسلم ليگ ن سان هيو پوءِ شديد اختلافن سبب هو ڌار ٿي ويو. اڳوڻي ايم ڪيو ايم جا ماڻهو به هن پارٽي ۾ شامل آهن. ان ڏس ۾ ٻيون به اهم سياسي شخصتيون دبئي ۾ آهن، ان پارٽي ۾ اهي سياسي اڳواڻ شامل آهن جن کي ٻين پارٽين مان ڪڍيو ويو يا ڪنهن سبب هو پاڻ پارٽي ڇڏي هليا ويا. انهن سياسي اڳواڻن تي مشتمل هي پارٽي جلد سامهون ايندي.
-
محمد اورنگزيب جسٽس(ر)خليل رمدي جو ڀائيٽيو، ناڻي کاتي ۾ ملاقاتون شروع
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي امڪاني ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس(ر) خليل الرحمان رمدي جو ڀائيٽيو ۽ ناٺي آهي، هو 2018ع کان حبيب بئنڪ جو سي اي او ۽ صدر آهي، هن جي سالياني پگهار 36 ڪروڙ رپيا آهي، ايڇ بي ايل کان اڳ هو عالمي ادارن ۾ به رهيو، روشن ڊجيٽل پاڪستان جو نظريو ڏيندڙ سلطان علي الانه سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي، پهرين نوازشريف سان مليو ۽ هاڻي شهبازشريف سان ملاقات ڪري چڪو آهي، هو شهبازشريف جي ويجهو رهيو آهي، هو کيس”اوري اوري “ سڏيندو آهي، هن جو نالو فائنل ٿي چڪو آهي، هن ناڻي کاتي ۾ ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.